اسلام آباد - 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي واري وزارت کي بجلي جي پيداوار جي موثر استعمال سان صنعتي پيداوار ۽ زرعي مصنوعات ۾ اضافي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زرعي ۽ صنعتي شعبي کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد …
زرعي ۽ صنعتي شعبي کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي واري وزارت کي بجلي جي پيداوار جي موثر استعمال سان صنعتي پيداوار ۽ زرعي مصنوعات ۾ اضافي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زرعي ۽ صنعتي شعبي کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ صنعتي ۽ زرعي شعبي جي لاءِ پاور ڊويزن جي سڌاراجاتي پئڪيج جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم کي پاور ڊويزن پاران ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۽ ان جي ٺوس ۽ موثر استعمال تي امڪاني سڌاراجاتي پئڪيج تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ملڪي صنعتي پيداوار کي وڌائڻ جي لاءِ بجلي جي فراهمي جي حوالي سان پاور ڊويزن جامع ۽ موثر پاليسي سفارشون جوڙي. صنعتي پيداوار بابت سمورا ادارا صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻن، ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار وڌ کان وڌ مثبت استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاليسي تي ڪم ڪيو وڃي. هن چيو ته بجلي جي پيداوار جو بهترين استعمال صنعتي مصنوعات ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم توانائي واري وزارت کي بجلي جي پيداوار جي موثر استعمال سان صنعتي ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ ۽ پاور ڊويزن کي سيڙپڪارن ۽ صنعتڪارن جي سهولت لاءِ مختلف سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي وزير احد خان چيما، صنعت واري صلاحڪار هارون اختر ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري عملدارن، آفيسرن ۽ اهلڪارن شرڪت ڪئي.











