ڏياري روشني ۽ اميد جو ڏڻ آهي: وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-20 آڪٽوبر(اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ڏياري جي موقعي تي سڄي پاڪستان ۾ رهندڙ هندو برادري کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان مطابق پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڏياري روشني ۽ اميد جو ڏڻ آهي، جيڪو اسان کي گڏيل احترام، رواداري ۽ اتحاد جي قدمن کي هٿي وٺرائڻ جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو …

اسلام آباد-20 آڪٽوبر(اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ڏياري جي موقعي تي سڄي پاڪستان ۾ رهندڙ هندو برادري کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان مطابق پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڏياري روشني ۽ اميد جو ڏڻ آهي، جيڪو اسان کي گڏيل احترام، رواداري ۽ اتحاد جي قدمن کي هٿي وٺرائڻ جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته دعا آهي ته ڏياري جو اهو ڏينهن سڀني لاءِ خوشيون، امن ۽ خوشحالي جو پيغام آڻي ۽ اسان جي معاشري ۾ ڀائيچاري ۽ گڏيل احترام جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪستان ۾ هندو برادري جو ڪردار قومي ترقي، سماجي هم آهنگي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم آهي.هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان حڪومت آئين ۾ درج سمورن شهرين کي برابر حق، مذهبي آزادي ۽ باعزت زندگي جي تحفظ لاءِ پر عزم آهي.

مزید خبریں