اسلام آباد - 20 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نئين ڪاروباري هفتي تي زبردست تيزي جو رجحان رهيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک 65 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري ويو. ڪاروبار جي شروعات تي سيڙپڪارن جي ڀرپور اعتماد ۽ هاڪاري اهڃاڻن سبب انڊيڪس ۾ 1218 پوائنٽس جو نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو جنهن سبب ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 165024 پوائنٽس …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 165000 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نئين ڪاروباري هفتي تي زبردست تيزي جو رجحان رهيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک 65 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري ويو. ڪاروبار جي شروعات تي سيڙپڪارن جي ڀرپور اعتماد ۽ هاڪاري اهڃاڻن سبب انڊيڪس ۾ 1218 پوائنٽس جو نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو جنهن سبب ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 165024 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. گذريل هفتي جي پڄاڻي تي انڊيڪس 638 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 163806 پوائنٽس تي بند ٿيو، پر اڄ جي سيشن ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بحالي ۽ مارڪيٽ ۾ سرگرمين ۾ تيزي مارڪيٽ جي رجحان کي ٻيهر هاڪاري ڪري ڇڏيو. ماهرن مطابق اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري حڪومتي معاشي پاليسين، مستحڪم مالي نظم و ضبط ۽ سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو.











