افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جو ڳٺ جوڙ بي نقاب، گرفتار ٿيل آپگهاتي بمبار ڪيترائي انڪشاف ڪري ڇڏيا

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج گهٽ عمر افغان نوجوانن کي دهشتگردي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، ڏکڻ وزيرستان ۾ فرنٽيئر ڪور ڪي پي ڪي هڪ وڏي ڪارروائي ڪندي آپگهاتي بمبار کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ نعمت الله ولد موسيٰ جان جي نالي سان ٿي آهي، گرفتار آپگهاتي بمبار افغانستان جي صوبي قنڌار جو رهواسي آهي. تفصيل مطابق آپگهاتي بمبار …

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج گهٽ عمر افغان نوجوانن کي دهشتگردي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، ڏکڻ وزيرستان ۾ فرنٽيئر ڪور ڪي پي ڪي هڪ وڏي ڪارروائي ڪندي آپگهاتي بمبار کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ نعمت الله ولد موسيٰ جان جي نالي سان ٿي آهي، گرفتار آپگهاتي بمبار افغانستان جي صوبي قنڌار جو رهواسي آهي. تفصيل مطابق آپگهاتي بمبار پنهنجي اعترافي بيان ۾ ڪيترائي انڪشاف ڪيا آهن، آپگهاتي بمبار نعمت الله جيڪو هريره مدرسي جو شاگرد آهي ۽ حفظ ڪري رهيو آهي. گرفتار آپگهاتي بمبار پنهنجي اعترافي بيان ۾ چيو ته مدرسي ۾ موجود ڪجهه ماڻهن مون کي چيو ته پاڪستاني فوج خلاف جهاد جائز آهي، اسان 40 ماڻهو گڏ ٿياسين ۽ چيوار رستي پاڪستان ۾ داخل ٿياسين. آپگهاتي بمبار ٻڌايو ته پوءِ لالي زي جي علائقي بروند (ڏکڻ وزيرستان) وياسين جتي طالبان جو مرڪز هو. اسان جو ڪمانڊر عمر حماس هو جيڪو آپگهاتي حملن تي تربيت ڏيندو هو، آپگهاتي حملي جي تربيت 3 مهينا هئي جڏهن ته مان هڪ هفتو تربيت ورتي، تربيت ۾ اسان کي سيکاريو ويو ته گاڏي تي آپگهاتي حملو ڪيئن ڪرڻو آهي؟ اها تربيت به ڏني وئي ته چيڪ پوسٽ تي ڪيئن آپگهاتي حملو ڪرڻو آهي، اسان جي گروپ ۾ 20 نوجوان شامل هئا جن جي عمر 18، 20 ۽ 22 سال هئي. آپگهاتي بمبار چيو ته مان تربيت دوران اتي آذان جو آواز ٻڌو، مون کي احساس ٿيو ته پاڪستاني فوج به مسلمان آهي، ان تي آپگهاتي حملو ڪرڻ حرام آهي. گرفتار آپگهاتي بمبار جا انڪشاف ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته افغان طالبان گهٽ عمر نوجوانن جي ذهن سازي ڪري رهيا آهن، مذهبي ذهن سازي ذريعي انهن گهٽ عمر نوجوانن کي پاڪ فوج خلاف دهشتگرد سرگرمين تي اڪسايو پيو وڃي.

مزید خبریں