پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سيز فائر جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي: دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سيز فائر جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي.جنهن کان پوءِ پاڪستان جي سرزمين تي افغانستان ۾ دهشتگردي جو سلسلو فوري طور بند ٿي ويندو.”ايڪس“ تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ دفاع واري وزير چيو ته ٻئي پاڙيسري ملڪ هڪ ٻئي جي سر زمين جو احترام ڪن. هن چيو ته 25 …

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سيز فائر جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي.جنهن کان پوءِ پاڪستان جي سرزمين تي افغانستان ۾ دهشتگردي جو سلسلو فوري طور بند ٿي ويندو.”ايڪس“ تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ دفاع واري وزير چيو ته ٻئي پاڙيسري ملڪ هڪ ٻئي جي سر زمين جو احترام ڪن. هن چيو ته 25 آڪٽوبر تي استنبول ۾ ٻيهر وفدن جي ملاقات ٿيندي ۽ تفصيلي طور تي مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون. هن چيو ته اسان قطر ۽ ترڪيه ٻنهي ملڪن جا دل سان ٿورائتا آهيون.

مزید خبریں