ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي آءِ ايف سي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات

واشنگٽن- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آءِ ايف سي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مختار ڊيوپ سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان مطابق ناڻي واري وزير انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي تازي نئين سر تنظيم سازي ۾ پاڪستان کي علائقائي مرڪز جو درجو ڏيڻ تي ٿورو مڃيو. ناڻي واري وزير ان فيصلي کي پاڪستان جي معيشت تي اعتماد جو مظهر قرار ڏنو. هن مختار …

واشنگٽن- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آءِ ايف سي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مختار ڊيوپ سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان مطابق ناڻي واري وزير انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي تازي نئين سر تنظيم سازي ۾ پاڪستان کي علائقائي مرڪز جو درجو ڏيڻ تي ٿورو مڃيو. ناڻي واري وزير ان فيصلي کي پاڪستان جي معيشت تي اعتماد جو مظهر قرار ڏنو. هن مختار ڊيوپ کي ريڪوڊڪ منصوبي ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير اميد ظاهر ڪئي ته ايگزم بينڪ جلد ان منصوبي ۾ شموليت اختيار ڪندو. ناڻي واري وزير هيٺين سطح تي مالياتي سهڪار ۽ ڊجيٽل پيمينٽ رائيٽس جي منصوبن ۾ آءِ ايف سي جي معاونت کي ساراهيو. هن دواسازي، اليڪٽرڪ گاڏين ۽ ڪموڊٽي ايڪسچينجز جي شعبن ۾ به مشاورتي ڪردار کي ساراهيو. هن آءِ ايف سي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي ايندڙ اجلاس جي موقعي تي پاڪستان جي دوري جي به آجيان ڪئي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير ۽ مختار ڊيوپ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۽ آءِ ايف سي وچ ۾ سواپ معاهدي تي صحيح واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں