ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي 15 هين وي 20 وزارتي اجلاس ۾ شرڪت

واشنگٽن- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب 15 هين وي 20 وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سرمائي جي لاڳت، قرض ۽ ترقي جي رستي جي موضوع تي بحث ٿيو. ناڻي واري وزير پنهنجي تقرير ۾ ٻوڏن جي وڌندڙ شدت ۽ تسلسل کي اجاگر ڪيو. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان مطابق پاڪستان حڪومت پنهنجي وسيلن سان ٻوڏ کان بچاءَ ۽ امدادي سرگرمين …

واشنگٽن- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب 15 هين وي 20 وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سرمائي جي لاڳت، قرض ۽ ترقي جي رستي جي موضوع تي بحث ٿيو. ناڻي واري وزير پنهنجي تقرير ۾ ٻوڏن جي وڌندڙ شدت ۽ تسلسل کي اجاگر ڪيو. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان مطابق پاڪستان حڪومت پنهنجي وسيلن سان ٻوڏ کان بچاءَ ۽ امدادي سرگرمين جا خرچ پورا ڪندي. ناڻي واري وزير سي وي ايف – وي 20 سيڪريٽريٽ طرفان پاڪستان جي ڪلائيميٽ پراسپيرٽي پلان جي تياري ۾ سهڪار تي ٿورو مڃيو. ان منصوبي کي عملي جامو پارائڻ لاءِ ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت فنڊنگ دستياب آهي. وفاقي وزير لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي فوري طور فعال ڪرڻ تي زور ڀريو. هن گرين ڪلائيميٽ فنڊ ۾ فيصلي سازي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو.

مزید خبریں