راولپنڊي- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي جٿو جديد ترين جي ايف – 17 ٿنڊر بلاڪ ٿري ويڙهاڪ جهازن سان گڏ فضائي جنگي مشق انڊس شيلڊ الفا ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان پهچي ويو آهي، ان مشق جو مقصد ٻنهي ڀائراڻن فضائي فوجن وچ ۾ گڏيل تفهيم، حڪمت عملي سان هم آهنگي ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب پاڪ فضائيه جي …
پاڪ فضائيه جي جٿو جديد ترين جي ايف – 17 ٿنڊر بلاڪ ٿري ويڙهاڪ جهازن سان گڏ فضائي جنگي مشق انڊس شيلڊ الفا ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان پهچي ويو

مزید خبریں
راولپنڊي- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي جٿو جديد ترين جي ايف – 17 ٿنڊر بلاڪ ٿري ويڙهاڪ جهازن سان گڏ فضائي جنگي مشق انڊس شيلڊ الفا ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان پهچي ويو آهي، ان مشق جو مقصد ٻنهي ڀائراڻن فضائي فوجن وچ ۾ گڏيل تفهيم، حڪمت عملي سان هم آهنگي ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب پاڪ فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن پاڪستان ۾ پنهنجي هوم بيس کان آذربائيجان تائين بنا وقفي جي پنهنجو سفر مڪمل ڪيو، ان دوران پاڪ فضائيه فضا کان فضا ۾ ٻارڻ ڀرڻ جا آپريشنز انجام ڏنا، فضا ۾ ٻارڻ ڀرڻ جو ڏکيو آپريشن پاڪ فضائيه پنهنجي آءِ ايل 78 ايئريل ٽينڪر ذريعي انتهائي درستگي سان انجام ڏنو، جنهن سان پاڪ فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن جي ڊگهي مفاصلي واري صلاحيت هڪ دفعو ٻيهر ظاهر ٿي ۽ ان سان پاڪ فضائيه جي عملي جي پيشيوراڻي مهارت ۽ ڊگهي عالمي مقررين لاءِ ان جي تياري جو اظهار ٿئي ٿو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ هي مشق جديد فضائي جنگي حڪمت عملين، گڏيل مشن جي رٿابندي ۽ تيزي سان اسرندڙ ٽيڪنالاجي ۽ بدلجندڙ فضائي طاقت جي ماحول ۾ عملدرآمد تي ڌيان ڏيندي، هي مشق آپريشنل بصيرت جي مٽاسٽا ۽ اڀرندڙ فضائي دفاعي چئلينجن لاءِ گڏيل رد عمل کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم ثابت ٿيندو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان ايئر فورس جي جٿن جي مشق انڊس شيلڊ الفا ۾ شرڪت پاڪ فضائيه جي استحڪام ۽ عالمي فوجي تعاون لاءِ پائيدار عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي. هي پاڪ فضائيه جي جديد جنگي گهُرجن موجب مسلسل ترقي ۽ موافقت جي پختي عزم کي به ظاهر ڪري ٿي، جڏهن ته فضائي آپريشن جي هر شعبي ۾ پنهنجي شاندار روايت کي برقرار رکي ٿو.











