پاڪستان جي قيام کان وٺي هيستائين پاڪستاني هٿياربند فوج، قوم جي مڪمل حمايت سان مُلڪ جي ٻاهرين ۽ اندروني دفاع ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير

ڪاڪول-18آڪٽوبر (اي پي پي) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جي قيام کان وٺي هيستائين پاڪستاني هٿياربند فوج، قوم جي مڪمل حمايت سان مُلڪ جي ٻاهرين ۽ اندروني دفاع ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي، اسان وردي پاتل ماڻهو سدائين مُلڪ جي عوام ۽ رياست جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ هن عظيم ملڪ جي نظرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي دفاع لاءِ تيار آهيُون، رهنداسين، تازي پاڪ-ڀارت جنگ …

ڪاڪول-18آڪٽوبر (اي پي پي) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جي قيام کان وٺي هيستائين پاڪستاني هٿياربند فوج، قوم جي مڪمل حمايت سان مُلڪ جي ٻاهرين ۽ اندروني دفاع ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي، اسان وردي پاتل ماڻهو سدائين مُلڪ جي عوام ۽ رياست جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ هن عظيم ملڪ جي نظرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي دفاع لاءِ تيار آهيُون، رهنداسين، تازي پاڪ-ڀارت جنگ ۾ پاڪستان پاڻ کان عددي طور تي وڏي دشمن جي خلاف پنهنجي واضح فتح سان نه رڳو پاڪستاني عوام پر عالمي برادري جو وقار ۽ داد حاصل ڪيو، جيڪڏهن ٻيهر جارحيت جي ڪوشش ڪئي وئي ته پاڪستان دشمن جي سوچ کان وڌيڪ سخت جواب ڏيندو. دشمن کي ٿيندڙ فوجي ۽ معاشي نقصان هندستان جي سوچ کان به گهڻو وڌيڪ هوندو، افغانستان ۾ موجود پراڪسيز پاڪستان اندر خوفناڪ حملا ڪرڻ لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪندا آهن. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪرڻ منهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز ۽ فخر آهي، خدا جي رضا سان پاڪستان جو جهنڊو بلند رهندو، ڇاڪاڻ ته ان جي محافظ پاڪستاني قوم آهي، جيڪا ڪڏهن به ناڪام ناهي ٿيندي، چين، آمريڪا ۽ اسلامي ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، پاڪستان ڪشمير تي پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي، تازي معاهدي کانپوءِ اميد آهي ته فلسطيني پنهنجي وطن ۾ امن سان رهي سگهندا. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير (نشان امتياز ملٽري، هلال جرئت) ڇنڇر ڏينهن هتي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪري رهيو هو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پنهنجي تاريخي ۽ واضح خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪرڻ منهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز ۽ فخر جو سبب آهي. آئُون بنگلاديش، عراق، مالي، مالديپ، نائيجيريا، نيپال، فلسطين، قطر، سريلنڪا ۽ يمن جي ڪيڊٽس کي به هن عظيم اداري مان تربيت مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. پاڪستان جي قيام کان وٺي هيستائين پاڪستاني هٿياربند فوج، قوم جي مڪمل حمايت سان، مُلڪ جي ٻاهرين ۽ اندروني دفاع ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي. فيلڊ مارشل چيو ته تازي آپريشن "معرڪه حق/بنيان مرصُوص” ۾ پاڪستاني هٿياربند فوج پنهنجي پيشه وراڻين صلاحيتن ۽ عزم سان دشمن کي شڪست ڏئي قوم جي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. ازلي دشمن خلاف انتهائي پيشيوراڻي انداز ۾ ڪارروايون ڪندي رافيل جهازن کي ڪيرايو ويو.

مزید خبریں