فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو پريڊ معائنو، نمايان ڪيڊٽس کي ايوارڊز ڏنا

راولپنڊي – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ملٽري اڪيڊمي (پي ايم اي) ڪاڪول ۾ گذريل ڏينهن 152 هين پي ايم اي لانگ ڪورس، 71 هين انٽيگريٽڊ ڪورس، 26 هين ليڊي ڪيڊٽ ڪورس ۽ 37 هين ٽيڪنيڪل گريجوئيٽ ڪورس جي ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ منعقد ٿي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق عراق، فلسطين، قطر، مالي، نيپال، مالديپ، سريلنڪا، يمن، بنگلاديش ۽ نائيجيريا سميت ڪيترن ئي …

راولپنڊي – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ملٽري اڪيڊمي (پي ايم اي) ڪاڪول ۾ گذريل ڏينهن 152 هين پي ايم اي لانگ ڪورس، 71 هين انٽيگريٽڊ ڪورس، 26 هين ليڊي ڪيڊٽ ڪورس ۽ 37 هين ٽيڪنيڪل گريجوئيٽ ڪورس جي ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ منعقد ٿي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق عراق، فلسطين، قطر، مالي، نيپال، مالديپ، سريلنڪا، يمن، بنگلاديش ۽ نائيجيريا سميت ڪيترن ئي دوست ملڪن جا ڪيڊٽس به پاڪستان ملٽري اڪيڊمي مان پاس آئوٽ ٿيا. چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير تقريب جو خاص مهمان هو. چيف آف آرمي اسٽاف پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ نمايان ڪيڊٽس کي ايوارڊز ڏنا. اعزازي شمشير (سورڊ آف آنر) 152 هين پي ايم اي لانگ ڪورس جي سينيئر انڊر آفيسر احمد مجتبيٰ عارف راجه کي ڏنو ويو. پريڊيڊنٽ گولڊ ميڊل بٽالين سينيئر انڊر آفيسر زوهير حسين (152 هين پي ايم اي لانگ ڪورس) کي ڏنو ويو. چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي اوور سيز گولڊ ميڊل دوست ملڪ جي ڪمپني جونيئر انڊر آفيسر ٽيڪ راج (152 هين پي ايم اي لانگ ڪورس) کي ڏنو ويو. چيف آف آرمي اسٽاف ماڪسمين ميڊل ڪيڊٽ سيد حاشر حسن (152 هين پي ايم اي لانگ ڪورس) کي ڏنو ويو. چيف آف آرمي اسٽاف ڪين ڪورس انڊر آفيسر شاهير علي (37 هين ٽيڪنيڪل گريجويٽ ڪورس) کي ڏنو ويو. ڪمانڊنٽ جو اوورسيز ميڊل ڪورس اسپورٽس سارجنٽ موسٽ جنت الماوا (26 هين ڪيڊٽ ڪورس) کي ڏنو ويو. ڪمانڊنٽ جو ڪينز ڪورس انڊر آفيسر سيد عبدالهادي (71 هين انٽيگريٽڊ ڪورس) ۽ ڪورس انڊر آفيسر هاديه فياض کي (26 جين ليڊي ڪيڊٽ ڪورس) کي ڏنا ويا.

مزید خبریں