صدر آصف علي زرداري سان مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ جي ملاقات

اسلام آباد - 17 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ العلماءِ تنظيم جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ ڪالهه جمعي ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ساڻس گڏ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد المالڪي، مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل جو صلاحڪار ۽ ريجنل ڊائريڪٽر سعد مسعود الحارثي ۽ مسلم ورلڊ ليگ جو قانوني معاملن بابت انڊر …

اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ العلماءِ تنظيم جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ ڪالهه جمعي ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ساڻس گڏ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد المالڪي، مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل جو صلاحڪار ۽ ريجنل ڊائريڪٽر سعد مسعود الحارثي ۽ مسلم ورلڊ ليگ جو قانوني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري عبداللطيف يوسف المطلق پڻ موجود هئا. صدر آصف علي زرداري ڊاڪٽر العيسيٰ جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اتحاد، اعتدال ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ۾ ڊاڪٽر العيسيٰ جي قيادت کي ساراهيو ۽ سڄي دنيا ۾ مسلم ورلڊ ليگ جي انسانيت نواز ۽ تعليمي قدمن کي ساراهيو. ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ چيو ته پاڪستان سعودي عوام جي دلين ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿو ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا ڏينهون ڏينهن مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن. هن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دوستي کي فخر جوڳو قرار ڏيندي چيو ته هو صدر آصف علي زرداري جي سياسي ڪردار کي تسلسل سان ڏسن ٿا ۽ ان کي متاثر ڪندڙ تصور ڪن ٿا. هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي ۽ ورثي کي خراج تحسين پيش ڪندي ان کي هڪ رول ماڊل قرار ڏنو ۽ صدر آصف علي زرداري کي سندس سياسي نظريي ۽ مشن کي اڳتي وڌائڻ کي ساراهيو. ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ ان ڳالهه تي پڻ روشني وڌي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تازو ئي دفاعي تعاون جو معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري اعتماد ۽ اسٽريٽجڪ هم آهنگي جو اظهار آهي. صدر آصف علي زرداري انتهاپسندي ۽ اسلامو فوبيا جي خلاف مسلم ورلڊ ليگ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سماجي ڀلائي، عورتن کي باااختيار بڻائڻ ۽ تعليم تي ان جي ڌيان کي ساراهيو. هن مسلم ڪميونٽيز ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي هن سال جي شروع ۾ اسلام آباد ۾ مسلم ورلڊ ليگ جي ميزباني ۾ منعقد عالمي ڪانفرنس کي مسلمان امت جي فڪري ۽ اخلاقي بنياد کي مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو. مسلم ورلڊ ليگ سان پاڪستان جي حصيداري جو حوالو ڏيندي صدر چيو ته اسلام آباد ۾ مسلم ورلڊ ليگ جي ميزباني ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس ساراهه جوڳو قدم آهي. صدر سيرت النبي ﷺ ميوزيم کي پاڪستان ۽ مسلم ورلڊ ليگ جي گڏيل احترام ۽ عقيدت جي علامت قرار ڏنو. صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ مسلم ورلڊ ليگ جي وچ ۾ تجويز ڪيل معاهدي کي صحت، تعليم ۽ انساني همدرديءَ جي منصوبن جي لاءِ اهم قرار ڏنو. مسلم ورلڊ ليگ ۽ پاڪستان جي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي وچ ۾ تجويز ڪيل معاهدي جو ذڪر ڪندي صدر صحت، تعليم ۽ انسانيت دوست امداد جهڙن ڪيترن ئي شعبن تي ٻڌل منصوبن جي لاءِ ٺوس موقف جي اهميت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري خودمختياري جي حق جي جدوجهد ۾ فلسطيني عوام سان پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان کي سعودي عرب سان تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن تي فخر آهي. هن سعودي عرب ۽ مسلم ورلڊ ليگ جي قيادت هيٺ امن ڪوششن بشمول شرم الشيخ امن سربراهه ڪانفرنس ۽ غزه پلان جي آجيان ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪو به امن قدم مستقل جنگبندي، اسرائيلي فوج جي انخلا ۽ غزه جي نئين سر تعمير کي يقيني بڻائيندو. صدر چيو ته پاڪستان کي سعودي عرب سان تاريخي لاڳاپن تي فخر آهي ۽ اهي گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام ۾ مضبوط پاڙون رکن ٿا. هن چيو ته پاڪستان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي آئنده پاڪستان اچڻ جو منتظر آهي ۽ دفاع، واپار، سيڙپڪاري  ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون کي ساراهيو. سعودي ولي عهد جي پاڪستان جي دوري سان ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. هن مسلمان امت کي متحد ڪرڻ ۽ مڪالمي، ڀائيچاري ۽ همدرديءَ کي فروغ ڏيڻ ۾ مسلم ورلڊ ليگ جي ڪردار کي ساراهيو ۽ تعليم، بين المذاهب هم آهنگي ۽ انسانيت نواز امداد ۾ مسلم ورلڊ ليگ سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ چيو ته پاڪستان سعودي عوام جي دلين ۾ خاص مقام رکي ٿو، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ چيو ته پاڪستان سان دوستي کي سعودي عرب جي عوام پنهنجي لاءِ فخر سمجهي ٿي. ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ چيو ته صدر آصف علي زرداري جو سياسي سفر ساراهه جوڳو ۽ متاثر ڪندڙ آهي، محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي زندگي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ صدر زرداري کي محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي وراثت کي اڳتي وڌائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تازو دفاعي معاهدو گڏيل اعتماد ۽ لاڳاپن جو مظهر آهي. ان موقعي تي سينيٽر شيري رحمان ۽ مولانا طاهر محمود اشرفي پڻ موجود هئا.

مزید خبریں