اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مير علي ۾ خوارجين جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن جي جرئت ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن تي فخر آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ دشمن ڌُرين جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. دهشتگرديءَ …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران مير علي ۾ خوارجين جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مير علي ۾ خوارجين جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن جي جرئت ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن تي فخر آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ دشمن ڌُرين جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ فورسز جون مسلسل ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا جوان قوم جي اطمينان ۽ فخر جو سبب آهن. پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ حب الوطني قوم جي اتحاد جي علامت آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته عزم ۽ يڪجهتيءَ سان دهشتگرديءَ جو مڪمل خاتمو ممڪن آهي. پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا دشمنن جي اِرادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.











