قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران مير علي ۾ دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق مير علي ۾ دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه ڪئي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته بهادر سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيوراڻي صلاحيت ۽ جذبي ۽ قربانيءَ تي فخر آهي. سيڪيورٽي فورسز ملڪ دشمنن جي ناپاڪ اِرادن کي هڪ ڀيرو ٻيهر مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته دهشتگرديءَ …

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق مير علي ۾ دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه ڪئي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته بهادر سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيوراڻي صلاحيت ۽ جذبي ۽ قربانيءَ تي فخر آهي. سيڪيورٽي فورسز ملڪ دشمنن جي ناپاڪ اِرادن کي هڪ ڀيرو ٻيهر مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جو عزم ساراهه جوڳو آهي. قوم پنهنجي سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان جي بهادر فوج جي موجودگيءَ ۾ دشمن پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پوري قوم متحد آهي.

مزید خبریں