راولپنڊي-17 آڪٽوبر (اي پي پي) لڪي مروت جي علائقي سلطان خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز وڏي ڪامياب ڪارروائي ڪندي 8 خوارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، گذريل 4 ڏينهن ۾ افغان طالبان طرفان موڪيل 102 خوارجي مارجي چڪا آهن. خبر موجب 16 آڪٽوبر تي لڪي مروت جي علائقي سلطان خيل ۾ پاڪ فوج ڳجهي اطلاع جي بنياد تي هڪ ڪامياب ڪارروائي ڪندي 8 انتهائي گهربل خوارجين کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب …
لڪي مروت جي علائقي سلطان خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي، انتهائي گهربل 8 خوارجي مارجي ويا، گذريل 4 ڏينهن ۾ افغان طالبان طرفان موڪليل مارجي ويل خوارجين جو انگ 102 ٿي ويو

مزید خبریں
راولپنڊي-17 آڪٽوبر (اي پي پي) لڪي مروت جي علائقي سلطان خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز وڏي ڪامياب ڪارروائي ڪندي 8 خوارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، گذريل 4 ڏينهن ۾ افغان طالبان طرفان موڪيل 102 خوارجي مارجي چڪا آهن. خبر موجب 16 آڪٽوبر تي لڪي مروت جي علائقي سلطان خيل ۾ پاڪ فوج ڳجهي اطلاع جي بنياد تي هڪ ڪامياب ڪارروائي ڪندي 8 انتهائي گهربل خوارجين کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب علائقي ۾ افغان طالبان جي پراڪسي خوارجين جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي. فورسز سلطان خيل ۽ طوفان والا علائقن ۾ فضائي ۽ زميني نگراني شروع ڪئي، نگرانيءَ دوران خوارجين جي چُرپر جي نشاندهي ٿيڻ تي فوري ڪارروائي ڪئي وئي. آپريشن دوران دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ آيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب گذريل 4 ڏينهن ۾ افغان طالبان طرفان موڪليل 102 خوارجي مارجي چڪا آهن. نيشنل ايڪشن پلان تحت عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز طرفان دهشتگردن خلاف بنا فرق جي لاڳيتو ڪارروايون جاري آهن.











