اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ (اڄ) 18 آڪٽوبر تي ڪارساز سانحي جي موقعي تي سڄي ملڪ جي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ دُعا واريون تقريبون ڪوٺائڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو ته پاڪستان جي هر ضلعي ۾ ٿيندڙ تقريبن ۾ پ پ جا ڪارڪن، همدرد، تنظيمي عهديدار ۽ ٽڪيٽ هولڊرز سميت چونڊيل نمائندا پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ شريڪ ٿين. ڪالهه پ …
پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي (اڄ) 18 آڪٽوبر تي ڪارساز سانحي جي موقعي تي سڄي ملڪ جي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ دُعا وارين تقريبن جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ (اڄ) 18 آڪٽوبر تي ڪارساز سانحي جي موقعي تي سڄي ملڪ جي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ دُعا واريون تقريبون ڪوٺائڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو ته پاڪستان جي هر ضلعي ۾ ٿيندڙ تقريبن ۾ پ پ جا ڪارڪن، همدرد، تنظيمي عهديدار ۽ ٽڪيٽ هولڊرز سميت چونڊيل نمائندا پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ شريڪ ٿين. ڪالهه پ پ ميڊيا سيل طرفان جاري بيان موجب (اڄ) بلاول هائوس ڪراچيءَ ۾ پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس ٿيندو. اجلاس جي ڪارروائي شام 4 وڳي کان شروع ٿيندي.











