سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جو 46هون اجلاس

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايل جي سي پي) جو 46هون اجلاس سپريم ڪورٽ ۾ منعقد ٿيو. جوائنٽ سيڪريٽري لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان طرفان جاري پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ فوجداري ضابطي (CrPC) ۽ تجويز ڪيل قانونن ۾ سڌارن جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته هي سڌارا انصاف …

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايل جي سي پي) جو 46هون اجلاس سپريم ڪورٽ ۾ منعقد ٿيو. جوائنٽ سيڪريٽري لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان طرفان جاري پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ فوجداري ضابطي (CrPC) ۽ تجويز ڪيل قانونن ۾ سڌارن جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته هي سڌارا انصاف جي نظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ، شهرين جي حقن جي تحفظ ۽ انصاف جي منصفاڻي فراهميءَ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. اجلاس ۾ چيف جسٽس فيڊرل شريعت ڪورٽ، سمورن صوبائي هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽس، اٽارني جنرل آف پاڪستان، قانون ۽ انصاف وارو سيڪريٽري، نيشنل ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين جي عارضي چيئرپرسن به شرڪت ڪئي. ڪميشن خانداني قانونن ۾ تجويز ڪيل ترميمن کي ساراهيندي چيو ته اهي ترميم خانداني تڪرارن جي حل ۽ فيملي ڪورٽس جي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتريءَ جو سبب بڻبيون. ڪميشن قانونِ شهادت آرڊر 1984ع ۾ ترميم جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن جديد اوزارن ۽ ٽيڪنالاجيءَ ذريعي حاصل ٿيندڙ شاهدين کي عدالت ۾ قابل قبول بڻائي سگهجي. ڪميشن ان ڳالهه تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ته هڪ ئي قسم جي ڪيسن ۾ متضاد عدالتي فيصلا قانوني ابهام پيدا ڪن ٿا ۽ نظائر (precedents) جي اصولن کي متاثر ڪن ٿا. اجلاس ۾ ايل جي سي پي ملازمن (سروس شرط) رولز 2025ع جي مسودي جو به جائزو ورتو ويو ۽ ان قاعدن جي تفصيلي مطالعي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ محمد منير پراچا ايڊووڪيٽ تي ٻَڌل ڪميٽي جوڙي وئي. ان کان اڳ چيف جسٽس جي صدارت هيٺ ايڪسيس ٽو جسٽس ڊولپمينٽ فنڊ (اي جي ڊي ايف) جي گورننگ باڊيءَ جو 21هون اجلاس پڻ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ فنڊ جي ڪارڪردگي ۽ گذريل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. ٻُڌايو ويو ته 2005ع کان هن وقت تائين هاءِ ڪورٽس کي عدليه جي بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ لاءِ 904.7 ملين رپيا ۽ پُٺتي پيل ضلعن ۾ خصوصي منصوبن لاءِ 166.5 ملين رپيا جاري ڪيا ويا. جڏهن ته جولاءِ 2024ع کان سيپٽمبر 2025ع دوران فنڊ جي سرگرمين ۾ نمايان واڌ ٿي، ان عرصي ۾ 1462.3 ملين رپيا عدالتي انفراسٽرڪچر ۽ سهولتن جي فراهميءَ لاءِ جڏهن ته 151 ملين رپيا پُٺتي پيل ضلعن جي منصوبن لاءِ جاري ڪيا ويا. چيف جسٽس فنڊ جي مؤثر انتظام تي ايل جي سي پي سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو.

مزید خبریں