جي ٽو جي فريم ورڪ تحت طئي ٿيندڙ معاهدو هڪ سٺي سفر جي شروعات آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي انٽرنيشنل هولڊنگ ڪمپني ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ فرسٽ وومين بئنڪ جي نجڪاري جي معاهدي کي ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته گڏيل منصوبا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن، جي ٽو جي فريم ورڪ تحت طئي ٿيندڙ معاهدو هڪ سٺي …

اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي انٽرنيشنل هولڊنگ ڪمپني ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ فرسٽ وومين بئنڪ جي نجڪاري جي معاهدي کي ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته گڏيل منصوبا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن، جي ٽو جي فريم ورڪ تحت طئي ٿيندڙ معاهدو هڪ سٺي سفر جي شروعات آهي، وڌيڪ منصوبا به پائيپ لائين ۾ آهن، جيڪي سرڪاري ملڪيتي ادارا فعال طريقي سان ڪم نه ڪري رهيا آهن، انهن جي نئين سر تنظيم سازي ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن جي ٽو جي فريم ورڪ تحت گڏيل عرب امارات جي انٽرنيشنل هولڊنگ ڪمپني ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ فرسٽ وومين بئنڪ جي نجڪاري جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيئرمين ٽو پوائنٽ زيرو شيخ زيد بن همدان بن زيد النهيان، وفاقي وزيرن، گڏيل عرب امارات جي وفد جي ميمبرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته شيخ زيد بن همدان کي پنهنجي ٻئي گهر پاڪستان ۾ ڀليڪار چئون ٿا، گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد جو اسان جي دلين ۾ تمام گهڻو احترام آهي، ان جي دل پاڪستان جي عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي، شيخ زيد بن سلطان النهيان به پاڪستان جو سچو ۽ مخلص دوست هو، پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو. وزيراعظم چيو ته جي ٽو جي فريم ورڪ تحت فرسٽ وومين بئنڪ جي نجڪاري جو معاهدو پاڪستان جي معاشي ترقي، گڏيل منصوبن ۽ واپار جي فروغ جي لاءِ يو اي اي جي صدر جي تعاون جو اظهار آهي. فرسٽ وومين بئنڪ جي نجڪاري برسات جو پهريون ڦڙو آهي، گڏيل منصوبا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن، جي ٽو جي فريم ورڪ تحت طئي ٿيندڙ معاهدو گڏيل اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، مختلف شعبن ۾ گڏيل منصوبن ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ ڊگهي ۽ سٺي سفر جي شروعات آهي جنهن جا ٻنهي ملڪن کي ثمر حاصل ٿيندا. وزيراعظم چيو ته جڏهن هن مارچ 2024ع ۾ اقتدار سنڀاليو نجڪاري تي سڀ کان اڳ ۾ غور ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو تعاون حاصل رهيو آهي، نجڪاري ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين عليم خان کانپوءِ نجڪاري وارو صلاحڪار محمد علي ان حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته فرسٽ وومين بئنڪ عورت ڪاروباري شخصيتن جي لاءِ قائم ڪئي وئي هئي ته جيئن اهي آءِ ٽي، گڏيل منصوبن ۽ ٻين شعبن ۾ ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته اهو بئنڪ حاصل ڪندڙن جي لاءِ تمام وڏو موقعو آهي، اهي صنعت، زراعت ۽ واپار ۾ پنهنجي ڪاروبار کي فروغ ڏئي سگهن ٿا، هي بئنڪ بصيرت افروز قيادت ۽ پروفيشنل مئنيجمينٽ تحت ترقي ڪندي. وزيراعظم چيو ته هي ٻن ڀائر ملڪن جي وچ ۾ خوشي، خوشحالي ۽ ترقي جي سفر جي شروعات آهي، وڌيڪ منصوبا به پائيپ لائين ۾ آهن ۽ انهن تي غور ٿي رهيو آهي ۽ ايندڙ وقتن ۾ اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي وڌيڪ تقريبون به سالن ۾ نه، ڏينهن، مهينن ۽ هفتن ۾ ڏسڻ لاءِ ملنديون. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي سرڪاري ملڪيتي ادارن جي مڪمل نئين سر تنظيم سازي ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪي فعال طريقي سان ڪم نه ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي عوام سان اسان جو واعدو آهي ته اسان ان حوالي سان نئين سر تنظيم سازي ڪنداسين ۽ نجي شعبو ڪاروبار ڪندو، ڪاروبار جي لاءِ سهولت فراهم ڪنداسين پر حڪومت ڪاروبار نه ڪندي. وزيراعظم جي نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي چيو ته جي ٽو جي فريم ورڪ تحت هي پهرين ٽرانزيڪشن آهي جيڪا بئنڪاري جي شعبي ۾ عالمي برادري جي اعتماد جو مظهر آهي، نجڪاري جي ان عمل کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڏيڍ سال لڳو، معاهدو ان ڳالهه جو مظهر آهي ته حڪومت نجڪاري جي شعبي ۾ سنجيده ۽ ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته نجڪاري جي عمل ۾ ڀرپور تعاون تي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون. انٽرنيشنل هولڊنگ ڪمپني جي سي اي او ۽ ڊائريڪٽر سيد بصر شعيب چيو ته بئنڪاري جي شعبي ۾ هي پاڪستان جي پهرين ٽرانزيڪشن آهي، اها اڃا شروعات آهي ان کانپوءِ وڌيڪ ٽرانزيڪشنز پڻ ٿينديون، اسان جو گروپ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن چيو ته معدنيات جي شعبي ۾ اسان اڳ ۾ ئي ايڪسپلوريشن جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، اڳتي وڌيڪ سيڙپڪاري به ڪئي ويندي، بئنڪاري جي شعبي ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪنداسين. تقريب ۾ گڏيل عرب امارات جي انٽرنيشنل هولڊنگ ڪمپني جي سي اي او ۽ ڊائريڪٽر سيد بصر شعيب ۽ نشيتا محسن انٽرنيشنل هولڊنگ ڪمپني ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ فرسٽ وومين بئنڪ جي نجڪاري جي معاهدي تي صحيحون ڪيون.

مزید خبریں