ڪاروبار سهُولت مرڪز قائم ٿيڻ سان سيڙپڪارن کي بنا ڪنهن دير جي مستند ۽ ضروري رهنمائي، معلومات ۽ سهولتون مُيسر هُونديُون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪاروبار سهُولت مرڪز قائم ٿيڻ سان سيڙپڪارن کي بنا ڪنهن دير جي مستند ۽ ضروري رهنمائي، معلومات ۽ سهولتون مُيسر هُونديُون. هُو ڪاروبار سهُولت مرڪز جي دوري ۽ ان جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ اسلام آباد ۾ پهرئين ڪاروبار سهُولت مرڪز ڪم ڪرڻ شروع ڪري …

اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪاروبار سهُولت مرڪز قائم ٿيڻ سان سيڙپڪارن کي بنا ڪنهن دير جي مستند ۽ ضروري رهنمائي، معلومات ۽ سهولتون مُيسر هُونديُون. هُو ڪاروبار سهُولت مرڪز جي دوري ۽ ان جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ اسلام آباد ۾ پهرئين ڪاروبار سهُولت مرڪز ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هي اعليٰ معيار جو مرڪز آهي، جنهن جي قيام سان سيڙپڪارن کي بروقت ۽ مستند معلومات ۽ رهنمائي ملندي ۽ انهن کي هڪ ئي هنڌ تي سڀ سهولتون ملنديون.

وزيراعظم سينٽر ۾ مقرر عملي جي پيشه وراڻين صلاحيتن ۽ انداز کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته سيڙپڪارن کي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ انهن کي سُهڻي نمُوني سان خدمتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم هن سينٽر جي قيام لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۽ لاڳاپيل وزارتن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهڙا ڪاروباري مرڪز ملڪ جي ٻين حصن ۾ به قائم ڪيا ويندا. سيڙپڪاري بورڊ جي وزير قيصر احمد شيخ وزيراعظم کي ٻڌايو ته هي سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ هڪ وڏو قدم ۽ اڳڀرائي آهي، سيڙپڪارن کي هڪ ئي ڇت هيٺان سمُوري ضروري معلومات، رهنمائي ۽ سهولتون دستياب هونديون. وزيراعظم سينٽر جي مختلف ڊيسڪن جو معائنو ڪيو ۽ سهولتن جو جائزو ورتو. لاڳاپيل عملدارن وزيراعظم کي سينٽر ۾ فراهم ٿيندڙ سهولتن بابت آگاهه ڪندي ٻُڌايو ته ڪنهن به اداري کي هتي هر قسم جي رهنمائي فراهم ڪئي ويندي آهي، مختلف رُخن جو جائزو وٺڻ ۽ سادي طريقيڪار ذريعي ضابطن کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ سمُوري ڪارروائي گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ آن لائن اُڪلائي ويندي آهي.

ان کان اڳ وزيراعظم تختي جي نقاب ڪُشائي ڪندي ون ونڊو ڪاروبار سهُولت مرڪز جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم کي سيڙپڪاري بورڊ جي مخصُوص اقتصادي زون ونگ پاران خصُوصي بريفنگ پڻ ڏني وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير، اسيمبلي جا ميمبر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدار موجود هئا.