دهشتگردي جو شڪار سمورن متاثرن کي سلام پيش ڪريان ٿو، پاڪستان دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي: گهرو وزير محسن نقوي

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي دهشتگردي جو شڪار سمورن متاثر ڪٽنبن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، هزارين ڪٽنب دهشتگردي جا زخم اڄ به ياد ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۾ بهادر سياستدان، عالمن، فرض شناس فوجين، پوليس اهڪارن ۽ آفيسرن سميت بي شمار معصوم شهري دهشتگردي جو نشانو بڻيا آهن. دهشتگردي جي متاثرن کي …

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي دهشتگردي جو شڪار سمورن متاثر ڪٽنبن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، هزارين ڪٽنب دهشتگردي جا زخم اڄ به ياد ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۾ بهادر سياستدان، عالمن، فرض شناس فوجين، پوليس اهڪارن ۽ آفيسرن سميت بي شمار معصوم شهري دهشتگردي جو نشانو بڻيا آهن. دهشتگردي جي متاثرن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وهندڙ رت جو هر ڦڙو اسان جي عزم ۽ حوصلي جي گواهي آهي، اي پي ايس سانحي ۾ ٻارن جي شهادت جو ڏک اڄ به اسان جي دلين ۾ زنده آهي، جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. پاڪستان دهشتگردي ۽ دنيا وچ ۾ شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي، محسن نقوي چيو ته دنيا جا ڪيترائي ملڪ دهشتگردي سبب متاثر آهن جڏهن ته دنيا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل طور تي قدم کڻي رهي آهي، 21 آگسٽ 2025ع تي گڏيل قومن جو ٿيم ”اميد ۾ اتحاد، متاثرن لاءِ اجتماعي قدم“ عالمي برادري جو گڏيل حڪمت عملي ۽ ڀرپور سهڪار جي راهه ڏيکاري ٿو. هن دهشتگردي کي عالمي مسئلو قرار ڏيندي ٽيڪنالاجي ۽ انٽيليجنس شيئرنگ ۾ عالمي طور تي حصيداري جون راهون کولڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي يڪجهتي ۽ سهڪار جو مضبوط حامي آهي.