آمريڪا جي وقتي سفير نيٽالي بيڪر جي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان اهم ملاقات

اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي)  آمريڪا جي وقتي سفير نيٽالي بيڪر وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان هڪ اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ-آمريڪا لاڳاپن، دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي خاتمي جي شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آمريڪا جي وقتي سفير نيٽالي بيڪر گهرو وزير محسن نقوي کي نشان امتياز ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمريڪي …

اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي)  آمريڪا جي وقتي سفير نيٽالي بيڪر وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان هڪ اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ-آمريڪا لاڳاپن، دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي خاتمي جي شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آمريڪا جي وقتي سفير نيٽالي بيڪر گهرو وزير محسن نقوي کي نشان امتياز ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمريڪي وقتي سفير پاڪستان، خاص طور تي خيبر پختونخواهه ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان جون سڀ همدرديون فوت ٿيلن جي خاندانن سان آهن. ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي پائيدار عالمي امن لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مخلصاڻن قدمن جي غير معمولي ڪوششن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت سميت 4 جنگيُون روڪرائي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انسانيت جي خدمت ڪئي آهي. اميد آهي ته روس، يوڪرين ۽ غزه ۾ جنگبندي لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جون ڪوششون رنگ لائينديون. محسن نقوي چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپا وسيع ۽ گرمجوش ٿيا آهن. پاڪستان امن لاءِ کنيل هر قدم جو استقبال ڪري ٿو. آمريڪي وقتي سفير چيو ته پاڪستان اسان جو اهم دوست ملڪ آهي. اسان پاڪستان سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏيون ٿا.