چيني پرڏيهي وزير وانگ زي پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) چيني پرڏيهي وزير وانگ زي پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نور خان ايئربيس تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏ پرڏيهي وزارت ۽ پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جا اعليٰ …

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) چيني پرڏيهي وزير وانگ زي پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نور خان ايئربيس تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏ پرڏيهي وزارت ۽ پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. پاڪستان جي روايتي لباس پهريل ٻارن جي گروپ معزز مهمان جي آجيان ڪئي ۽ گلدستو پيش ڪيو. دوري دوران چيني پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ڇهين پاڪ – چين پرڏيهي وزيرن واري اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ۾ شرڪت ڪندو. چيني پرڏيهي وزير وانگ زي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي دعوت تي پاڪستان آيو آهي. چيني پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ پاڪ – چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي ڇهين دور ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪندو جڏهن ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان گڏ پاڪ – چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي گڏيل صدارت پڻ ڪندو.