برطانيا جي شاهه چارلس (ٽيون) جو وزيراعظم جي نالي پيغام، پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين سان همدرديءَ ۽ يڪجهتي جو اظهار

اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) برطانيا جي شاهه چارلس (ٽيون) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين سان همدرديءَ جو اظهار ۽ پاڪستاني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي دل کي ڌوڏيندڙ آهي، هنگامي خدمتون فراهم ڪندڙن، رضاڪارن ۽ مقامي ڪميونٽيز جي همٿ ۽ عزم کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا جيڪي متاثرين کي بچائڻ ۽ انهن کي ريليف فراهم ڪرڻ …

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) برطانيا جي شاهه چارلس (ٽيون) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين سان همدرديءَ جو اظهار ۽ پاڪستاني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي دل کي ڌوڏيندڙ آهي، هنگامي خدمتون فراهم ڪندڙن، رضاڪارن ۽ مقامي ڪميونٽيز جي همٿ ۽ عزم کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا جيڪي متاثرين کي بچائڻ ۽ انهن کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ سانوڻي جي برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ جي حوالي سان برطانيا جي شاهه چارلس (ٽيون) پاڪستان جي وزيراعظم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هو ۽ سندس گهرواريءَ پاڪستان ۾ سانوڻي جي تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي ۽ امدادي ڪاررواين دوران هيليڪاپٽر جي افسوسناڪ حادثي جو ٻڌي سخت ڏکويل آهن. هن چيو ته هن ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جا واقعا دل کي ڌوڏيندڙ آهن. هن چيو ته اسان انهن سمورن ماڻهن سان همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا جن پنهنجي پيارن، گهرن ۽ روزگار کي وڃائي ڇڏيو آهي. هن پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته برطانيا ۾ ڪيترائي اهڙا خاندان آباد آهن جن جو پاڪستان سان انتهائي ويجهو رشتو آهي اسان انهن سمورن خاندانن سان پڻ دلي همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا، اسان متاثر ماڻهن جي لاءِ پنهنجي گهري دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ هن مشڪل ترين وقت ۾ پاڪستاني عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته اسان هنگامي خدمتون فراهم ڪندڙن، رضاڪارن ۽ مقامي ڪميونٽيز جي همٿ ۽ عزم کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا جيڪي خطري ۾ ورتل ماڻهن کي بچائڻ ۽ انهن ماڻهن کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن جن جون زندگيون هن ٻوڏ سبب شديد متاثر ٿيون آهن، انهن جي اها بي لوث ڪوشش اونداهي ۾ ڏيئي جي برابر آهي. هن چيو ته جيئن ته متاثر ماڻهو بحالي ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجن جو مقابلو ڪري رهيا آهن، اسان پنهنجي خصوصي دعائن سان گڏوگڏ انهن جي بهادري ۽ ڪوششن کي ساراهيون ٿا.