قُم - 20 آگسٽ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ايران جي صوبي قُم جي گورنر اڪبر بهنا مجو سان سندس آفيس ۾ اعليٰ سطحي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گهري ثقافتي، تاريخي ۽ مذهبي رشتن کي اجاگر ڪندي انهن لاڳاپن کي واپاري ۽ زرعي تعاون ۾ بدلائڻ تي خاص زور ڏنو ويو. قومي غذائي تحفظ ۽ …
قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي ايران جي صوبي قُم جي گورنر سان اعليٰ سطحي ملاقات

مزید خبریں
قُم – 20 آگسٽ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ايران جي صوبي قُم جي گورنر اڪبر بهنا مجو سان سندس آفيس ۾ اعليٰ سطحي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گهري ثقافتي، تاريخي ۽ مذهبي رشتن کي اجاگر ڪندي انهن لاڳاپن کي واپاري ۽ زرعي تعاون ۾ بدلائڻ تي خاص زور ڏنو ويو. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت موجب وفاقي وزير راڻا تنوير حسين وزيراعظم جي ويزن جي روشني ۾ پاڪستان جي ايران سان ٻطرفي واپار کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي زرعي شعبي کي گڏيل دلچسپي جو بنيادي ميدان قرار ڏنو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان اعليٰ معيار جي چانور، انب، حلال گوشت ۽ مڪئي فراهم ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. وفاقي وزير ان حقيقت کي اجاگر ڪيو ته زراعت ٻنهي ملڪن جي لاءِ غذائي تحفظ ۽ معاشي انضمام جو بنياد بڻجي سگهي ٿي. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته پاڪستان پنهنجي ثابت شده تجربن جهڙوڪ چانور، ڪڻڪ، انب ۽ ٻين ميون جي شعبي ۾ ايران سان شيئر ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي جڏهن ته ايران جي زعرفان، پسته ۽ خشڪ ميون ۾ مهارت مان سکڻ جا موقعا پڻ موجود آهن جيڪي حصيداري کي ٻنهي ملڪن جي لاءِ ڪارائتو بڻايئندا. ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون جي فروغ جي لاءِ عملي قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انهن ۾ ڪسٽمز جي طريقيڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، ايس پي ايس پروٽوڪولز کي سگهه ڏيڻ ۽ واپاري ڍانچي جهڙوڪ ڪولڊ چين ۽ ويئر هائوسنگ کي مضبوط ڪرڻ شامل آهي ته جيئن زرعي روانگي واپار ۽ آمدني واپار جي معيار ۽ رفتار کي يقيني بڻائي سگهجي.











