حطار - 20 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي دستيابي رڳو هڪ ترقياتي هدف نه آهي پر هر شهري جو بنيادي حق آهي ۽ اهو قدم عوام کي پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين کان محفوظ رکڻ جي لاءِ پڻ انتهائي ضروري آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني حطار ۾ مري اسپارڪلٽس …
پيئڻ جي صاف پاڻي جي دستيابي رڳو هڪ ترقياتي هدف نه آهي پر هر شهري جو بنيادي حق آهي: سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
حطار – 20 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي دستيابي رڳو هڪ ترقياتي هدف نه آهي پر هر شهري جو بنيادي حق آهي ۽ اهو قدم عوام کي پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين کان محفوظ رکڻ جي لاءِ پڻ انتهائي ضروري آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني حطار ۾ مري اسپارڪلٽس آر او پلانٽ ۽ واٽر لائين يونٽ – 2 جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. تقريب ۾ سينيٽرز، قومي اسيمبلي ميمبر اسفنديار ڀنڊارا، مري اسپارڪلٽس جي انتظاميا ۽ معزز مهمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مري اسپارڪلٽس جي انتظاميا ۽ منصوبي جي تڪميل ۾ شريڪ سمورن ماڻهن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي منصوبو عوام کي هڪ بنيادي ضرورت، يعني صاف ۽ محفوظ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته هي تقريب ان گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي جنهن تحت عوامي نمائندن، نجي شعبي ۽ مقامي ڪميونٽيز هڪ وڏي مقصد جي لاءِ گڏ ٿين ٿا. هن چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي دستيابي رڳو هڪ ترقياتي هدف نه آهي پر هر شهري جو بنيادي حق آهي ۽ هي قدم عوام کي پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين کان محفوظ رکڻ جي لاءِ پڻ انتهائي ضروري آهي. سينيٽ چيئرمين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقا خاص ڌيان ۽ وڌيڪ امداد جا مستحق آهن ته جيئن اتان جي عوام به ان بنيادي سهولت مان فائدو کڻي سگهي. هن چيو ته سينيٽ آف پاڪستان بطور ايوان وفاق هر ان ڪوشش جي مڪمل حمايت ڪري ٿو جيڪا عوامي ڀلائي کي مٿانهون رکي ٿي. سينيٽ چيئرمين نجي شعبي کي ملڪ جي ترقي جي لاءِ اهم قرار ڏنو. هن چيو ته صنعتي شعبي سان هزارين ماڻهو واڳيل آهن ۽ ان سان سڌوسنئون ۽ اڻ سڌي طرح روزگار جا موقعا پيدا ٿين ٿا. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان کي قدرت بيشمار وسيلن سان نوازيو آهي ۽ ان جي ذميواراڻي استعمال کي يقيني بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، آر او پلانٽ جهڙا منصوبا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ صحتمند ۽ محفوظ مستقبل ڏيڻ جي لاءِ سنجيده ۽ پرعزم آهيون. هن وڌيڪ چيو ته صاف پاڻي جي فراهمي اصل ۾ عوام جي صحت، تعليم ۽ معيشت تي هڪ سيڙپڪاري آهي ۽ اهو قدم شهرين جي وقار ۽ انهن جي اميدن کي پڻ سگهه ڏي ٿو. اسفند يار ڀنڊارا سينيٽ چيئرمين جا ٿوراادا ڪيا ۽ چيو ته هي پلانٽ روزاني جي بنياد تي مارڪيٽ ڊيمانڊ موجب پيداواري صلاحيت رکي ٿو. سينيٽ چيئرمين آخر ۾ مري اسپارڪلٽس آر او پلانٽ جي انتظاميا کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اهڙا منصوبا گڏيل ترقي ۽ عوامي ڀلائي جا ضامن آهن.











