ڪوئيٽه-29 جولاءِ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت بابت مملڪتي وزير وجيهه قمر چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن کين هنرمند بڻائي صحيح رُخ تي گامزن ڪري سگهون ٿا، بلوچستان وزيراعظم جي ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان ترقي يافته ۽ خوشحال ٿيندو ته پاڪستان ترقي ڪندو، بلوچستان جي نوجوانن جي ڪيپسٽي بلڊنگ جو پروگرام پڻ شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن عالمي فورمز تي اهي نوجوان ملڪ …
نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن کين هنرمند بڻائي درست رُخ تي گامزن ڪري سگهون ٿا: مملڪتي وزير وجيهه قمر

مزید خبریں
ڪوئيٽه-29 جولاءِ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت بابت مملڪتي وزير وجيهه قمر چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن کين هنرمند بڻائي صحيح رُخ تي گامزن ڪري سگهون ٿا، بلوچستان وزيراعظم جي ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان ترقي يافته ۽ خوشحال ٿيندو ته پاڪستان ترقي ڪندو، بلوچستان جي نوجوانن جي ڪيپسٽي بلڊنگ جو پروگرام پڻ شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن عالمي فورمز تي اهي نوجوان ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگهن، نوجوانن کي جديد گُهرجن سان هم آهنگ تربيت ۽ هنر فراهم ڪيو پيو وڃي. اهڙو اظهار هن ڪوئيٽه ۾ ٽيڪنيڪل ٽريننگ سينٽر جي دؤري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته مون پاڻ هنر فراهم ڪندڙ ادارن جو دؤرو ڪيو جنهن جو مقصد ته جيڪو هنر اسلام آباد ۾ ڏنو پيو وڃي ته ڇا ساڳيو هنر هتي فراهم ڪيو پيو وڃي؟ بيوٽمز يونيورسٽيءَ ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر جيڪو آءِ ٽي واري وزارت جي ماتحت ڪم ڪري رهيو آهي، هڪ اهڙو ادارو جيڪو پاڪستان ۾ سمورن انڪيوبيشن سينٽرن لاءِ هڪ مثال آهي جهڙيءَ طرح پي اي ايف مدد فراهم ڪري رهيو آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي، ٻارن ۽ ٻارڙين کي جهڙيءَ طرح سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، اهو به تحسين جوڳو آهي. هن چيو ته بلوچستان جي 36 ضلعن سان تعلق رکندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين اسٽارٽ اپ تي ڪم ڪري رهيون آهن. وزيراعظم جي ترجيح اسڪلڊ بيسڊ ايجوڪيشن کي هٿي ڏيڻ آهي، 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوان آهن، اسان کي هنن نوجوانن کي قومي اثاثو بڻائڻو آهي، نيوٽيڪ سميت ٻيا ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، بلوچستان جي اندر چئلينجز آهن، ڏورانهن علائقن مان شاگردن جو اچڻ پوءِ کين سهولتون فراهم ڪرڻ جهڙيون مشڪلاتون درپيش آهن. وفاقي حڪومت طرفان جديد گهرجن کي ڏسندي انڊسٽري سان سلهاڙيل هنر ٻارن کي فراهم ڪيو پيو وڃي، ٻارن کي بيوٽي پارلر ۽ـ ڪونگ کان علاوه ڪو اسڪلز نه هو پر هاڻ شي فيسڪز نالي سان انهن ٻارڙين کي جديد تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي، آءِ ٽي ۽ اي آءِ کي ترجيح ڏني پئي وڃي، سڄي صوبي ۾ جنهن سپورٽ جي ضرورت آهي منهنجي وزارت طرفان هر ممڪن ٽيڪنيڪل ۽ فنانشل سپورٽ فراهم ڪئي ويندي. سڄي پاڪستان ۾ اسڪالرشپس وغيره ۾ بلوچستان لاءِ واڌو حصو رکيو ويندو آهي، اهي شاگرد جيڪي ڪنهن سبب اڳتي نه اچي سگهيا انهن کي اهو موقعو فراهم ڪيو وڃي. وزيراعظم اسڪلز تحت 4 هزار ويجهو نوجوانن کي هنرمند بنايو ويو آهي، وزيراعظم اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام تحت 44 هزار نوجوانن کي تربيت فراهم ڪئي وئي آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ، عورتن کي بااختيار معاشي طور تي پاڻڀرو بنائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت پاورٽي ايلويشن پروگرام سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائل، تعميرات، زراعت، موسمياتي تبديلي جهڙا شعبا شامل آهن. وفاقي حڪومت ان حوالي سان مڪمل تعاون فراهم ڪندي، نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن، ان کي امپاور ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪوشش ڪرڻ جي ضرورت آهي.











