اسلام آباد-29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ برٽس ڪائونسل سان پُراڻي ڀائيواري آهي، مسلم ليگ (ن) حڪومت نياڻين ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعليم جي زيور ۽ وومن آن وهيلز سميت ٻيا قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت نوجوانن کي ڊجيٽل يوٿ حب ذريعي فور ايز تعليم، مشغوليت، ماحوليات …
پاڪستان ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ برٽس ڪائونسل سان پُراڻي ڀائيواري آهي: رانا مشهود احمد خان

مزید خبریں
اسلام آباد-29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ برٽس ڪائونسل سان پُراڻي ڀائيواري آهي، مسلم ليگ (ن) حڪومت نياڻين ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعليم جي زيور ۽ وومن آن وهيلز سميت ٻيا قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت نوجوانن کي ڊجيٽل يوٿ حب ذريعي فور ايز تعليم، مشغوليت، ماحوليات ۽ روزگار جي موقعن تائين پهچ فراهم ڪئي پئي وڃي. اهڙو اظهار هن نياڻين لاءِ اسڪاٽ لينڊ پاڪستان اسڪالرشپ بابت 10 ساله جائزه رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ برٽش ڪائونسل سان پُراڻي ڀائيواري آهي، برٽش ڪائونسل پاڪستان ۾ خاص ڪري نياڻين لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، نياڻين جي تعليم لاءِ اسڪالرشپ پروگرام تي اسڪاٽ لينڊ حڪومت جا ٿورائتا آهيون، سڄي ملڪ مان نياڻيون ان پروگرام مان فائدو کڻي رهيون آهن. هن چيو ته شهباز شريف جڏهن پنجاب جو وڏو وزير هو تڏهن عورتن کي بااختيار بنائڻ لاءِ تعليم جي زيور بابت پروگرام شروع ڪيو، ان پروگرام تحت پنجاب جي 16 ضلعن مان ناڻين کي تعليم جا موقعا فراهم ڪيا ويا، انهن ضلعن ۾ نياڻين جي تعليم تي ڌيان ڏنو ويندو هو، ان پروگرام سبب نياڻين جي تعليم جي شرح ۾ نمايان واڌ ٿي ۽ نياڻين امتحانن ۾ اعليٰ پوزيشون حاصل ڪيون، انهن ضلعن ۾ نياڻين جي تعليم جي شرح 16 کان 21 سيڪڙو هئي پر هاڻ اهو انگ 51 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، اسان کي پنهنجي نياڻين تي فخر آهي ۽ اهي اسان جو مستقبل آهن. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت نوجوانن کي بااختيار بنائڻ لاءِ پهرين جامع نيشنل ايڊولسنٽ اينڊ يوٿ پاليسي جوڙي پئي وڃي، ان حوالي سان سمورن لاڳاپيل ڌُرين سان صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن، 3 لک شاگرد ان پاليسيءَ بابت فارم ڀري اُماڻيا آهن، ان پاليسيءَ جي جوڙجڪ لاءِ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو سروي ڪيو ويو آهي، ان پاليسي جو اعلان جلد ڪيو ويندو. 26 مارچ کان هاڻ تائين ڊجيٽل يوٿ هب تي 5 لک کان وڌيڪ نوجوانن رجسٽريشن ڪرائي آهي، 16 لک کان وڌيڪ نوجوانن ان ايپ کي ڊائون لوڊ ڪيو آهي، ان ۾ روز اضافو ٿي رهيو آهي، ان پليٽ فارم تي نوجوانن لاءِ اسڪالرشپس، وظيفن، ٽريننگ سميت ٻين شعبن ۾ ملڪ ۽ پرڏيهه موقعن بابت ڄاڻ ۽ رسائي موجود آهي، نوجوان پاڻ کي ڊجيٽل يوٿ هب تي رجسٽر ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو جلد کان جلد ڄاڻ تائين پهچ حاصل ڪري سگهن. ٻئي پاسي برٽش ڪائونسل طرفان جاري ڪيل پاڪستان اسڪاٽ لينڊ اسڪالرشپ پروگرام تحت نياڻين جي تعليم بابت رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته گذريل 10 سالن دوران ان پروگرام تحت 20 هزار شاگردياڻين فائدو کنيو. اسڪولن جي 18 هزار شاگردياڻين اسڪالرشپ حاصل ڪيون جن مان 3527 اقليتي ۽ 93 معزور شاگردياڻيون شامل آهن. اهڙيءَ طرح ان عرصي دوران يونيورسٽيءَ جي سطح تي 2 هزار شاگردياڻين پاڪستان اسڪاٽ لينڊ اسڪالرشپ پروگرام مان فائدو ماڻيو. ان مان 283 اقليتي ۽ 43 معذور شاگردياڻيون شامل آهن. ان موقعي تي چيئرمين پروگرام مان فائدو کڻندڙ نياڻين ۾ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.











