حڪومت تربيت ۽ صلاحيت سازيءَ تي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي: وفاقي وزير شزه فاطمه

اسلام آباد-29 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه اي اسپورٽس ۽ گيم ٽيڪ انڊسٽريءَ جي ترقيءَ لاءِ 3 نڪاتي حڪمتِ عملي پيش ڪندي چيو آهي ته گيم ٽيڪ بابت ڪورسز ۽ خاص تربيت ذريعي نوجوانن جي فني سگهه ۾ واڌ، فنڊنگ پروگرامز متعارف ڪرائڻ ۽ پاڪستاني نوجوانن طرفان تيار ڪيل گيمز کي عالمي سطح تي واپاري موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ مڪمل سهڪار …

اسلام آباد-29 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه اي اسپورٽس ۽ گيم ٽيڪ انڊسٽريءَ جي ترقيءَ لاءِ 3 نڪاتي حڪمتِ عملي پيش ڪندي چيو آهي ته گيم ٽيڪ بابت ڪورسز ۽ خاص تربيت ذريعي نوجوانن جي فني سگهه ۾ واڌ، فنڊنگ پروگرامز متعارف ڪرائڻ ۽ پاڪستاني نوجوانن طرفان تيار ڪيل گيمز کي عالمي سطح تي واپاري موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ مڪمل سهڪار ۽ معاونت فراهم ڪئي ويندي. وزارت مان جاري بيان موجب وزارت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي ميزباني ڪئي جنهن ۾ ڪامن ويلٿ سيڪريٽريٽ ۽ برٽش اِي اسپورٽس فيڊريشن جي وفد شرڪت ڪئي. اجلاس جو مقصد پاڪستان جي پهرين قومي اِي اسپورٽس پاليسي جي تياري ۽ پاڪستان اِي اسپورٽس فيڊريشن جي قيام لاءِ سهڪار فراهم ڪرڻ هو. اهي گڏيل قدم اِي اسپورٽس کي هڪ باقاعده معاشي شعبي طور تي تسليم ڪرڻ ۽ نوجوانن جي شموليت، ڊجيٽل مهارتن جي ترقي ۽ جديد جدت تي ٻَڌل روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. اجلاس جي صدارت شزه فاطمه خواجه ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان شريڪ صدر طور موجود هو. ان کان علاوه شرڪت ڪندڙن ۾ قومي اسيمبلي ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي فوڪل پرسن آمنه بتول، آءِ ٽي وزارت جو سيڪريٽري ضرار هاشم خان ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جو ڊپٽي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمدعلي ملڪ شامل هئا. ڪامن ويلٿ سيڪريٽريٽ جي نمائندگي هيڊ آف سوشل پاليسي، يوٿ اينڊ جينڊر ڊولپمينٽ لين رابنسن ڪئي، جنهن سان يوٿ آفيسر صائمه مجيد موجود هئي. برٽش اِي اسپورٽس فيڊريشن جي نمائندگي نائب صدر ٿامس ڊور ۽ هيڊ آف ايجوڪيشن ڪلام نيل ڪئي. وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه پاڪستان ۾ گيم ڊولپمينٽ ميدان ۾ نوجوانن جي اُڀرندڙ صلاحيتن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻُڌايو ته پاڪستاني نوجوان پهرين ئي SEGA ۽ Nintendo جهڙن عالمي پليٽ فارمز تي گيمز شايع ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت تربيت ۽ صلاحيت سازيءَ تي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي، پر سڀ کان وڌيڪ چئلينج گيمز جي ڪمرشلائيزيشن آهي. هن چيو ته اسان وٽ بي پناهه نوجوان ٽيلنٽ موجود آهي پر شين جي ڪمرشلائيزيشن هڪ وڏي رڪاوٽ آهي، اسان کي پاڪستاني ڊولپرز کي عالمي سطح تائين پهچائڻ لاءِ اوهان جي سهڪار جي ضرورت آهي. وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه اي ۽ گيم ٽيڪ انڊسٽري جي ترقيءَ لاءِ 3 نڪاتي حڪمتِ عملي به پيش ڪئي ۽ چيو ته سڀ کان پهرين گيم ٽيڪ بابت ڪورسز ۽ خاص تربيت ذريعي نوجوانن جي فني سگهه ۾ واڌ ڪئي ويندي، ٻيو اهڙا فنڊنگ پروگرامز متعارف ڪرايا ويندا جيڪي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪن ۽ ٽيون پاڪستاني نوجوانن طرفان تيار ڪيل گيمز کي عالمي سطح تي واپاري موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ مڪمل سهڪار ۽ معاونت فراهم ڪئي ويندي. رانا مشهود احمد خان ان موقعي تي چيو ته هي گيم ٽيڪ جي شعبي ۾ سهڪار لاءِ هڪ شاندار موقعو آهي جيڪو پاڪستاني نوجوانن لاءِ هڪ نئين ۽ باصلاحيت صنعت کي کولڻ جو ذريعو بڻجندو. اجلاس جي پڄاڻي هڪ گڏيل عزم سان ٿي ته پاڪستان لاءِ هڪ جامع، عقلمنداڻي ۽ جامع قومي اِي اسپورٽس پاليسي جوڙي ويندي جيڪا عالمي بهترين طريقيڪار تي ٻَڌل هجي ۽ پاڪستان جي ڊجيٽل ۽ معاشي ويزن سان هم آهنگ هجي.

مزید خبریں