پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس، اطلاعات ۽ نشريات  واري وزارت جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد -29 جولاءِ (اي پي پي)پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ پي اي سي جي چيئرمين جنيد اڪبر خان جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات  واري وزارت جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. صنعت ۽ پيداوار بابت سيڪريٽري پي اي سي کي کنڊ جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي چيو ته …

اسلام آباد -29 جولاءِ (اي پي پي)پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ پي اي سي جي چيئرمين جنيد اڪبر خان جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات  واري وزارت جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. صنعت ۽ پيداوار بابت سيڪريٽري پي اي سي کي کنڊ جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي چيو ته کنڊ جي معاملي جو گهڻي ڀاڱي تعلق صوبن وٽ آهي. مرڪز ۾ شگر ايڊوائيزري بورڊ هوندو آهي. ان فورم ۾ سمورا ادارا شامل هوندا آهن. ملڪ ۾ کنڊ جي صورتحال جو جائزو وٺي آمدني واپار يا روانگي واپار جو فيصلو ڪبو آهي. کنڊ کي گهڻي وقت تائين اسٽور نٿو ڪري سگهجي. پيڙهائي جي مُند 15 جون کان 15 مارچ تائين هوندي آهي. ڪابينه جو واضح فيصلو هو ته جيڪڏهن کنڊ جو اگهه 143 روپين مان ملڪ ۾ وڌي ته ايڪسپورٽ روڪي وڃي. اسان کي اميد هئي ته پوکائي ڪيل ايراضي وڌڻ سان فصل وڌيڪ ٿيندو پر موسمياتي تبديلين سبب نه رڳو پاڪستان پر خطي جي ملڪن ۾ به کنڊ جي پيداوار گهٽ ٿي. اسان وٽ گهڻو اسٽاڪ موجود آهي جيڪو نومبر تائين هلي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي اختيارين ٻڌايو ته  هاڻي اسان جو معاهدو ٿي ويو آهي. نومبر تائين کنڊ جي ملڪ ۾ قيمت 171 روپين تائين  ٿي ويندي. پي اي سي جي چيئرمين سميت ميمبرن جو چوڻ هو ته کنڊ جي تازي قيمت 200 کان وڌيڪ آهي، کنڊ هن وقت مارڪيٽ ۾ دستياب ئي ناهي. جنيد اڪبر خان چيو ته شگر ملن وارا ڪمائي رهيا آهن ۽ اسان جا ادارا هر وقت انهن جو ئي فائدو ڏسن ٿا. رياض فتيانه چيو ته ايڪسپورٽ  کان اڳ ۽ ايڪسپورٽ کان پوءِ کنڊ جو اگهه ڇا هو، اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي. ميمبرن جو چوڻ هو ته اسان کي هر صورت ۾ عوام جي فائدن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي. پي اي سي جي چيئرمين چيو ته اسان شگر ملن جا نالا طلب ڪيا آهن. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت چيو ته سمورين ملن جا نالا موجود آهن. جنيد اڪبر خان چيو ته اسان کي انهن مل مالڪن جا نالا ٻڌايا وڃن. پي اي سي چيئرمين چيو ته جيستائين مالڪن جي نالن جي فهرست نٿي اچي ان وقت تائين بريفنگ نه ورتي ويندي جيڪڏهن پي اي سي سان غلط بياني ڪئي وئي ته استحقاق جي رٿ آڻينداسين. اطلاعات ۽ نشريات  واري وزارت جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو وٺندي آڊيٽر جنرل چيو ته جيڪا رقم جنهن مد لاءِ طلب ڪئي ويندي آهي، اها ان ئي مد ۾ خرچ ڪرڻ گهرجي. شاهده اختر علي چيو ته ڪنهن به ميڊيا مهم جون حدون هجڻ گهرجن. پي اي سي چيئرمين ۽ ميمبرن جو چوڻ هو ته وڌ کان وڌ معاملا ان کاتي جي آڊٽ ڪميٽي جي سطح تي حل ٿيڻ گهرجن. سڌ سماءَ واري سيڪريٽري چيو ته پيمرا کي لائسنس فيس جي مد ۾ 7 ٽي وي چينلز ادائگي ناهي ڪئي جن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. پي اي سي هدايت ڪئي ته پيمرا جي رڪوري يقيني بڻائي وڃي ۽ ناڻي وزارت ۽ آڊٽ سان گڏوگڏ ڊي اي سي ۾ ويهي معاملا اڪلايا وڃن. پيمرا طرفان ٻڌايو ويو ته ڪيترائي اهڙا ننڍا ننڍا چئنلز آهن جن جي فيس نٿي ملي هاڻي انهن جي بندش لاءِ اشتهار ڏنا پيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان وٽ 3500 ڪيبل ٽي وي نيٽ ورڪ رجسٽرڊ آهن. شازيه مري چيو ته پيمرا کي اثرائتو مانيٽرنگ نظام  لاڳو ڪرڻ گهرجي. پيمرا طرفان  ٻڌايو ويو ته ڪائونسل آف ڪمپلينٽ هڪ خودمختيار فورم آهي، جتان اسان کي جيڪا به شڪايت ريفر ٿيندي آهي ان تي ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. پي اي سي چيئرمين چيو ته پيمرا کي گهرجي ته معاملا شڪايت جي داخل ٿيڻ تائين نه وڃڻ ڏئي، هن هدايت ڪئي ته ايندڙ اجلاس ۾  پيمرا چيئرمين پاڻ اچي ته پوءِ انهن آڊٽ اعتراضن تي غور ويچار ڪيو ويندو. پي اي سي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت سمورين شگر ملز جا تفصيل فراهم ڪندي ٻڌايو ته 7 لک 90 هزار ٽن کنڊ جي روانگي واپار ڪئي ويندي آهي. پي اي سي جي ميمبرن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ کنڊ جي کوٽ هئي ته پوءِ ايڪسپورٽ جي اجازت ڇو ڏني وئي.

مزید خبریں