پاڪستان نيوي ۾ سويلين طور مختلف جاين ۾ شموليت لاءِ اميدوارن جي آن لائين رجسٽريشن جو عمل جاري، 10 آگسٽ آخري تاريخ

سکر - 29 جولاءِ(اي پي پي) پاڪستان نيوي ۾ سويلين طور مختلف جاين ۾ شموليت لاءِ اميدوارن جي آن لائين رجسٽريشن جو عمل 20 جولاءِ کان جاري آهي، جنھن لاءِ 10 آگسٽ 2025ع جي آخري تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي.پاڪستان نيوي پاران پڌرائي موجب سنڌ صوبي توڙي ملڪ جي مختلف ضلعن جا اھڙا گريجوئيٽ، انٽرميڊئيٽ ۽ ميٽريڪيوليٽ مرد ۽ عورت اميدوار جن جي عمر 31 مارچ 2026ع تائين 18 کان …

سکر – 29 جولاءِ(اي پي پي) پاڪستان نيوي ۾ سويلين طور مختلف جاين ۾ شموليت لاءِ اميدوارن جي آن لائين رجسٽريشن جو عمل 20 جولاءِ کان جاري آهي، جنھن لاءِ 10 آگسٽ 2025ع جي آخري تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي.پاڪستان نيوي پاران پڌرائي موجب سنڌ صوبي توڙي ملڪ جي مختلف ضلعن جا اھڙا گريجوئيٽ، انٽرميڊئيٽ ۽ ميٽريڪيوليٽ مرد ۽ عورت اميدوار جن جي عمر 31 مارچ 2026ع تائين 18 کان 30 سالن جي وچ ۾ ھجي، اھي مختلف جاين جھڙوڪ اسسٽنٽ (بي پي ايس-15)، اسٽينو ٽائيپسٽ (بي پي ايس-14)، يو ڊي سي (بي پي ايس-14)، ايل ڊي سي (بي پي ايس-11)، اسٽور مين (بي پي ايس-07)، سول اپرينٽس (بي پي ايس -07)، ٽنڊل آف ليبر (بي پي ايس-05) ۽ اسڪلڊ (بي پي ايس-04) ۾ 10 آگسٽ 2025ع تائين پاڪستان نيوي جي ويب سائيٽ www.joinpaknavy.gov.pkتي آن لائين رجسٽريشن حاصل ڪري سگھن ٿا. پڌرائي موجب سول اپرينٽس (بي پي ايس-07) لاءِ 15 کان 19 ورهين جي عمر جا اميدوار رجسٽريشن لاءِ اھل ليکيا ويندا. پڌرائي موجب اميدوار ميرٽ ڪوٽا، شھري توڙي ٻھراڙي جي مقرر ڪيل ڪوٽا، معذور ڪوٽا، ڊوميسائيل ۽ ٻي گھربل معلومات ويجھي نيوي ڀرتي مرڪز تان روبرو يا پاڪستان نيوي جي ويب سائيٽ وزٽ ڪندي حاصل ڪري سگھن ٿا.

مزید خبریں