اسلام آباد – 29 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ تعاون ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾و اپار، توانائي ۽ عوامي مٽاسٽا جي فروغ جي لاءِ مفاهمت جي ڪيترين ئي يادداشتن تي صحيحن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪرغزستان جي ڪابينا جي ڊپٽي …
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ تعاون ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ تعاون ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾و اپار، توانائي ۽ عوامي مٽاسٽا جي فروغ جي لاءِ مفاهمت جي ڪيترين ئي يادداشتن تي صحيحن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪرغزستان جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين عادل بيسالوف جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد پاڪستان ڪرغزستان گڏيل بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي جنهن جو مقصد ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ تعاون ۾ اڳڀرائي ۽ آءِ جي سي جي پنجين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪندي وفد جي آجيان ڪئي. هن پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ پروٽوڪول ۽ مفاهمت جي ڪيترين ئي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحن کي ساراهيندي ان کي واپار، توانائي، تعاون، رابطن ۽ عوامي مٽاسٽا جي فروغ طرف اهم قدم قرار ڏنو. وزيراعظم آءِ جي سي دوران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ معاهدن کي ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي موثر ۽ وقت سر پيروي جي اهميت تي زور ڏنو. عادل بيسالوف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته آءِ جي سي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي عوام جي مفاد ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ مضبوط لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











