اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي چيئرمين جسٽس يحييٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس منعقد ٿيو. سپريم جوڊيشل ڪائونسل طرفان جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب منعقد ٿيل اجلاس ۾ جسٽس سيد منصور علي شاهه ويڊيو لنڪ ذريعي، جڏهن ته جسٽس منيب اختر، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس عاليه نيلم ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس …
چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي چيئرمين جسٽس يحييٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس منعقد ٿيو. سپريم جوڊيشل ڪائونسل طرفان جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب منعقد ٿيل اجلاس ۾ جسٽس سيد منصور علي شاهه ويڊيو لنڪ ذريعي، جڏهن ته جسٽس منيب اختر، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس عاليه نيلم ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد جنيد غفار شرڪت ڪئي. سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ سمورن ايجنڊا آئيٽمز تي غور ڪيو ويو ۽ ڪائونسل جي ڄاڻايل سپريم جوڊيشل ڪائونسل سيڪريٽريٽ سروس رولز 2025ع جي منظوري ڏني، جڏهن ته ڪائونسل قرار ڏنو ته ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۾ انڪوائري ۽ ترميمن جي طريقيڪار جو ليگل ۽ ڊرافٽنگ حوالي سان جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ ان تي وڌيڪ صلاح مشورو ڪيو ويندو. سپريم جوڊيشل ڪائونسل آئين جي آرٽيڪل 209 تحت مختلف ماڻهن پاران فائيل ڪيل 24 شڪايتن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل طور تي قرار ڏنو ته 19 شڪايتن کي فائيل ڪيو ويندو جڏهن ته 5 شڪايتون ختم ڪيو ويو.











