وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت ۾ گوادر پورٽ کي فعال بنائڻ بابت ڪابينه ڪميٽيءَ جو اجلاس

اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت ۾ گوادر پورٽ کي فعال بنائڻ بابت ڪابينه ڪميٽيءَ جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ انفراسٽرڪچر، پلاننگ ڪميشن جي ميمبر ڊاڪٽر وقاص انور معاونت فراهم ڪئي، جڏهن ته گوادر پورٽ اٿارٽي، سامونڊي معاملن، دفاعي معاملن، گهرو معاملن، ناڻي، واپار، مواصلات، ريلوي ۽ صنعتن ۽ پيداوار وارين وزارتن جي …

اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت ۾ گوادر پورٽ کي فعال بنائڻ بابت ڪابينه ڪميٽيءَ جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ انفراسٽرڪچر، پلاننگ ڪميشن جي ميمبر ڊاڪٽر وقاص انور معاونت فراهم ڪئي، جڏهن ته گوادر پورٽ اٿارٽي، سامونڊي معاملن، دفاعي معاملن، گهرو معاملن، ناڻي، واپار، مواصلات، ريلوي ۽ صنعتن ۽ پيداوار وارين وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گوادر پورٽ کي جلد کان جلد فعال بنائڻ لاءِ هڪ جامع منصوبو تيار ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو. اسلام آباد ۾ هڪ عالمي ڪانفرنس جو بندوبست ڪرڻ جي مقصد ۾ عالمي سيڙپڪارن جي توجهه حاصل ڪرڻ لاءِ مؤثر مارڪيٽنگ، حڪمت عملي ۽ وچ ايشيائي رياستن سميت ٻين ملڪن سان سفارتي سطح تي رابطا مضبوط ڪرڻ شامل هو. وفاقي وزير ٻُڌايو ته سامونڊي معاملن واري وزارت نجي شپنگ لائنز سان گوادر ۽ نار فارس وچ ۾ ٽرانس شپمينٽ آپريشنز جي شروعات لاءِ رابطي ۾ آهي. شروعاتي طور معدنيات، کجور، سامونڊي خوراڪ ۽ سيمنٽ جي روانگي واپار طور چونڊيو ويو آهي جنهن سان مائينگ، فشريز ۽ پراسيسنگ انڊسٽري کي هٿي ملندي. احسن اقبال هدايت ڪئي ته گوادر پورٽ کي جي عالمي روڊ شوز ۾ اسٽريٽجڪ واپاري مرڪز طور اجاگر ڪيو وڃي، جيڪو نار ۽ وچ ايشيا کي جوڙي ٿو. هن چيو ته گوادر جي لاڳت مؤثر واپاري راهدارين ۽ سيڙپڪارن لاءِ دستياب رعايتن کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ گهرجي. هن پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي ته گوادر کان عمان تائين سمنڊ هيٺيان سرنگ ذريعي نار تعاون ڪائونسل ۽ ڏکڻ ايشيائي کي جوڙڻ لاءِ چار ملڪي ڪنسوريشم تي فزيبلٽي اسٽڊي شروع ڪئي وڃي، ان کان علاوه نار ملڪن سان فيري سروسز جي قيام جون تجويزون به غور هيٺ آهن جن ۾ چين جي واپاري موجودگيءَ مان فائدو کنيو ويندو. وفاقي وزير گوادر پورٽ اٿارٽي جي ڊي جي کي هدايت ڪئي ته عالمي شپنگ عملي جي لاءِ اعليٰ معيار جي رهائش ۽ تفريحي سهولتن کي يقيني بنايو وڃي ته جيئن هو بار بار گوادر اچن، ڊي جي آگاهه ڪيو ته ان مقصد لاءِ پي سي هوٽل سميت اعليٰ معيار جي رهائش دستياب آهي. آبي زراعت جي شعبي جي ترقيءَ تي به بريفنگ ڏني وئي. گلگت بلتستان جي فشريز کاتي ۽ چائينا اوورسيز پورٽس هوڊلنگ ڪمپني گڏيل سروي ۽ فزيبلٽي اسٽڊي تي ڪم ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير ملاحن جي حقن جي تحفظ ۽ کين فش پراسيسنگ ويليو چين ۾ شامل ڪرڻ تي زور ڀريو. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته ماهيگير اتحاد سان مشاورت جاري آهي ۽ هو فش پراسيسنگ انڊسٽري جي قيام جي آجيان ڪري رهيا آهن. وزير کي ٻُڌايو ويو ته چيني ٽرالر ڪمپنين سان گوادر کي آف لوڊ حب ۽ فش پراسيسنگ مرڪز طور استعمال ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون جاري آهن. وفاقي وزير چيو ته ملاحن کي فش انڊسٽريءَ جي ترقيءَ جي فيصلن ۾ شامل ڪرڻ، پائيدار ماهيگيري ۽ منصفاڻي مارڪيٽ رسائي ۽ انهن جي روزگار جي تحفظ لاءِ ضروري آهي. سامونڊي معاملن واري وزارت ٻُڌايو ته گوادر بندرگاهه جي عملياتي سرگرمين جا سمورا منصوبا پاڪستان جي پهرين فشريز ۽ آبي پاڻي پاليسيءَ سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي. وڌيڪ هي ته 2 فيري سروسز جا منصوبا غور هيٺ آهن. اجلاس ۾ گوادر کي بلوچستان جو خصوصي مائيننگ پورٽ بنائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن لاءِ مائيننگ ۽ سملٽنگ جي بنيادي ڍانچي جي تعمير تي توجهه ڏني پئي وڃي. ريلوي واري وزارت ٻُڌايو ته ان مقصد لاءِ هڪ معدني راهداري جي ريلوي لنڪ جي فزيبلٽي مڪمل ڪئي وئي آهي. بلوچستان حڪومت جي نمائندي ٻُڌايو ته گوادر سٽي منصوبي جو 30 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، باقي ڪم جون 2026ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. هي منصوبو 1500 ملين رپين جي بجيٽ سان پي ايس ڊي پي 26-2025ع تحت 30 مئي 2025ع تي سي ڊي ڊبليو پي کان منظور ٿيو هو. گذريل اجلاس ۾ بلوچستان حڪومت کي ڏنل ڪمن ۾ گوادر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ لاءِ زمين رکڻ، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ پرڏيهي شهرين لاءِ رهائشي علائقو رکڻ ۽ گوادر يا تربت کي بلوچستان جو سرمائي گادي واري هنڌ جي چونڊ ڪرڻ شامل هو. وفاقي وزير تجويز ڏني ته تربت کي ترجيح ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته اتي آبادي ۽ واپاري سرگرميون وڌيڪ آهن.

مزید خبریں