پاڪستان ۽ ويٽنام گڏيل واپاري ڪميٽي جو پنجون اجلاس

اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ويٽنام وچ ۾ گڏيل واپاري ڪميٽي (جي ٽي سي) جو پنجون اجلاس هنوئي ۾ منعقد ٿيو جيڪو 8 سالن جي رنڊڪ کانپوءِ ان اداره جاتي فورم جي بحالي جو ثبوت آهي. واپار واري وزارت طرفان جاري پڌرائي موجب اجلاس جي گڏيل صدارت واپار واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ناصر حامد ۽ ويٽنام جي صنعت ۽ واپار واري ڊپٽي وزير فان ٿي ٿانگ …

اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ويٽنام وچ ۾ گڏيل واپاري ڪميٽي (جي ٽي سي) جو پنجون اجلاس هنوئي ۾ منعقد ٿيو جيڪو 8 سالن جي رنڊڪ کانپوءِ ان اداره جاتي فورم جي بحالي جو ثبوت آهي. واپار واري وزارت طرفان جاري پڌرائي موجب اجلاس جي گڏيل صدارت واپار واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ناصر حامد ۽ ويٽنام جي صنعت ۽ واپار واري ڊپٽي وزير فان ٿي ٿانگ ڪئي. گڏيل واپاري ڪميٽي جي اجلاس جي موقعي تي معاهدو ٿيل نقطن تي صحيحن جي تقريب ۾ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ويٽنام جو صنعت ۽ واپار وارو وزير نگوين هونگ ديئن پڻ شرڪت ڪئي. ڪميٽي ٻطرفي واپار جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ۽ مستقبل ۾ تعاون جي اهم شعبن جهڙوڪ سهولتڪاري، مارڪيٽ تائين پهچ، ٽيڪسٽائيل ۽ فشريز، حلال سرٽيفڪيشن، سول ايوي ايشن، صحت ۽ بئنڪاري چئلنز ۾ تعاون جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ ويٽنام وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) تي ڳالهين جي شروعات هلندڙ سال ۾ ئي ڪئي ويندي ۽ ڊگهي واپاري ترقي لاءِ اداره جاتي ۽ ڪاروباري رابطن کي هٿي ڏني ويندي. اجلاس جي پڄاڻي تي ٻنهي ملڪن گڏيل واپار جي لڪل صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. جي ٽي سي جون ڇهون اجلاس پاڪستان ۾ گڏيل مشاورت سان طئي ٿيل وقت تي منعقد ڪيو ويندو.

مزید خبریں