قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ مزار قائد مئنجمينٽ بورڊ جو 99هون اجلاس

ڪراچي-11 جولاءِ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي جي صدارت هيٺ قائداعظم مزار مئنجمينٽ بورڊ (ڪيو ايم ايم بي) جو 99هون اجلاس ڪراچيءَ ۾ ريزيڊنٽ انجنيئر جي آفيس ۾ منعقد ٿيو. جلاس ۾ مزار قائد ۽ ان جي ڀرپاسي پاسي جي حفاظت، ترقي ۽ انتظامن بابت اهم معاملن تي ويچاريو ويو. قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير اجلاس …

ڪراچي-11 جولاءِ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي جي صدارت هيٺ قائداعظم مزار مئنجمينٽ بورڊ (ڪيو ايم ايم بي) جو 99هون اجلاس ڪراچيءَ ۾ ريزيڊنٽ انجنيئر جي آفيس ۾ منعقد ٿيو. جلاس ۾ مزار قائد ۽ ان جي ڀرپاسي پاسي جي حفاظت، ترقي ۽ انتظامن بابت اهم معاملن تي ويچاريو ويو. قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ مزار قائد جي قومي اهميت کي اجاگر ڪيو. اجلاس ۾ پرڏيهي معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين سينيٽر عرفان الحق صديقي، قومي ورثي ۽ ثقافت واري سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني ۽ ٻين بورڊ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي اهم ايجنڊا ۾ مزار قائد جي تاريخي فانون کي مزار کان نيشنل ميوزيم منتقل ڪرڻ جي تجويز، مزار ڪامپليڪس جي سارسنڀال لاءِ ڪيو ايم ايم بي جي سالياني بجيٽ جي ڪاٿي جي منظوري، صوبائي فنڊنگ لاءِ درخواستون، مزار قائد جي ڀرپاسي جي ترقي، قائد جي ميوزيم جي نئين سر رنگ روغن جو منصوبو شامل هو. ڳالهين ۾ مزار جي گنبذ ۽ ڇِت جي ٻيهر پينٽنگ ۽ بحالي، خالي آسامين کي ڀرڻ، ملازمن جي فلاح بهبود بابت معاملا شامل هئا. قومي يادگار جي پائيدار حفاظت ۽ سارسنڀال کي يقيني بنائڻ لاءِ جاري رنگ روغن ۽ سارسنڀال جي ڪوششن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري  بورڊ ميمبرن طرفان اُٿاريل خدشن کي غور سان ٻُڌو ۽ تجويز ڪيل قدمن کي تيز رفتار ۽ مؤثر طور لاڳو ڪرڻ کي آسان بنائڻ لاءِ واضح هدايتون جاري ڪيون. اجلاس جي پڄاڻيءَ سمورين ڌُرين طرفان مزار قائد جي تاريخي ۽ ثقافتي اهميت جي تحفظ جي عزم سان ٿيو.

مزید خبریں