پاڪستان کي 3 لک کان وڌيڪ طبي شيون فراهم ڪيون آهن: صحت وارو عالمي ادارو

اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) پاڪستان کي 3 لک کان وڌيڪ طبي شيون فراهم ڪيون آهن.صحت واري عالمي اداري موجب 5 ٽرڪن تي ٻڌل طبي سامان ۾ ضروري دوائون ۽ ٻيون طبي شيون شامل آهن جن کي چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي صحت جي عملدارن حوالي ڪيو ويو آهي. ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته انهن قدمن جو مقصد سانوڻي …

اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) پاڪستان کي 3 لک کان وڌيڪ طبي شيون فراهم ڪيون آهن.صحت واري عالمي اداري موجب 5 ٽرڪن تي ٻڌل طبي سامان ۾ ضروري دوائون ۽ ٻيون طبي شيون شامل آهن جن کي چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي صحت جي عملدارن حوالي ڪيو ويو آهي. ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته انهن قدمن جو مقصد سانوڻي ۾ ايمرجنسي پلان 2025ع تحت جولاءِ کان آڪٽوبر دوران امڪاني ٻوڏ، شديد برساتن يا ان سان جڙيل بيمارين جي پکيڙ خلاف وقت سر طبي رد عمل کي يقيني بڻائڻ آهي. ان منصوبي تحت ملڪ جي 33 ترجيحي ضلعن ۾ 13 لک ماڻهن لاءِ هنگامي صحت جي خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. پاڪستان ۾ ڊبليو ايڇ او جي نمائندن ڊاڪٽر ڊاپينگ لوو چيو ته صحت واري عالمي اداري جون ايمرجنسي ٽيمون پاڪستان جي صحت جي ادارن سان ويجهي سهڪار ۾ ڪم رهيون آهن ته جيئن هنگامي صورتحال ۾ فوري ۽ موثر طبي رد عمل ممڪن بڻائي سگهجي، اسان پاڪستان سان حصيداري تي فخر محسوس ڪريون ٿا ۽ موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت جي نظام جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ پرعزم آهيون.

مزید خبریں