صدر آصف علي زرداري پاران بلوچستان ۾ مسافرن جي قتل جي سخت مذمت

اسلام آباد– 11 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ مسافرن جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اها فتنه الهندستان جي پاڪستان ۾ رتوڇاڻ جي ڪڌي سازش آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته فتنه الهندستان پاڪستان ۾ انتشار ۽ بدامني ڦهلائڻ چاهي ٿو، دهشتگردن بس مان لاهي معصوم شهرين کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو …

اسلام آباد– 11 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ مسافرن جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اها فتنه الهندستان جي پاڪستان ۾ رتوڇاڻ جي ڪڌي سازش آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته فتنه الهندستان پاڪستان ۾ انتشار ۽ بدامني ڦهلائڻ چاهي ٿو، دهشتگردن بس مان لاهي معصوم شهرين کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان پنهنجي سرزمين کي فتنه الهندستان ۽ ان جي سهولتڪارن کان هر صورت ۾ پاڪ ڪنداسين ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي. صدر چيو ته اسان پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ انهن جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا.

مزید خبریں