اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بجلي شعبي جي سڌارن سان عوامي ريليف ۽ صنعتن کي بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بجلي شعبي ۾ نقصان ڪندڙ جينڪوز جي نيلامي جي ٻئي ۽ ٽئين مرحلي کي پڻ جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته جينڪوز …
بجلي شعبي جي سڌارن سان عوامي ريليف ۽ صنعتن کي بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بجلي شعبي جي سڌارن سان عوامي ريليف ۽ صنعتن کي بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بجلي شعبي ۾ نقصان ڪندڙ جينڪوز جي نيلامي جي ٻئي ۽ ٽئين مرحلي کي پڻ جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته جينڪوز جي نيلامي جي عمل کي ٻين نجڪاري پروگرامز وانگر ميڊيا تي سڌوسنئون نشر ڪيو وڃي، سمارٽ ميٽرز جي تنصيب مڪمل ڪري جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي، وفاقي حڪومت پاران بلوچستان جي ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن سان بلوچستان جي زرعي شعبي جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنز قائم ڪرڻ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، بجلي جي پهچ ۽ ٽرانسميشن نظام جي بهتري جي لاءِ تجويز ڪيل منصوبن تي ڪم جلد شروع ڪيو وڃي، الله جي فضل ۽ ڪرم سان تازي سرديءَ جي موسم ۾ بجلي صارفين کي اگهن ۾ سهولت فراهم ڪئي، قابل تجديد توانائي جي ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت منصوبن کي جلد مڪمل ڪري عوام کي وڌيڪ سهولت ڏيڻ جي لاءِ قدم اولين ترجيح آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي شعبي جي سڌارن جو جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس کي بجلي شعبي جي پيداوار، پهچ ۽ ورڇ جي حوالي سان جاري سڌارن ۽ منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي فرسوده ۽ نقصان ۾ هلندڙ جينڪوز جي نيلامي جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو جنهن سان قومي خزاني کي 9.05 بلين رپين جي آمدني ٿي جڏهن ته ٻئي ۽ ٽئين مرحلي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ قدم تيزي سان جاري آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شفافيت جي عنصر کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نيلامي جي ڪارروائي سڌوسنئون نشر ڪئي وڃي ٿي، 36 آءِ پي پيز سان بجلي جي اگهن جي حوالي سان ڪامياب ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن جي نتيجي ۾ مجموعي طور تي ملڪي خزاني کي 3.69 ٽريلين رپين جي بچت ٿيندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ملڪي صنعتن کي ٽرانسميشن لائين تي آڻي انهن کي بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي جنهن سان صنعتي پيداوار، برآمدات ۽ پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ٿيندو. بجلي ٽرانسميشن ڪمپني اين ٽي ڊي سي ايل کي تحليل ڪري انرجي انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ڪمپني ۽ نيشنل گرڊ ڪمپني جوڙي وئي آهي ۽ انهن کي انهن جون ذميواريون ڏنيون پيون وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي فروغ جي لاءِ چارجنگ اسٽيشن قائم ڪرڻ جو عمل پڻ تيزي سان جاري آهي. اليڪٽرڪ چارجنگ اسٽيشنز قائم ڪرڻ جي درخواستن کي وصول ڪرڻ جي لاءِ آن لائين پورٽل فعال آهي جنهن جي ذريعي 120 درخواستون وصول ڪيون ويون آهن جن مان 48 درخواستن کي عبوري رجسٽريشن جا دستاويز تفويض ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح اڳ کان موجود چارجنگ اسٽيشنز جي ريگيولرائيزيشن جو عمل پڻ مڪمل ٿي چڪو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌاييو ويو ته بجلي شعبي جي بهتري جي لاءِ پالر پلاننگ ۽ مانيٽرنگ ڪمپني پي پي ايم سي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، ملڪ جي اڪثر ورڇ ڪندڙ ڪمپينن جي انتظامي بورڊز جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي آهي جيڪي هاڻي مڪمل طور تي فعال آهن. وزيراعظم کي مٽياري – مورو – رحيم يار خان، غازي بروٿا – فيصل آباد ٽرانسميشن لائينز جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته انهن جي فنانسنگ ۾ مقامي ۽ عالمي ادارن دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. اجلاس کي ايندڙ 6 سالن ۾ 2.4 ٽريلين جي گردشي قرضن جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پڻ حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بجلي جي بچت جي لاءِ انرجي ايفيشنٽ پنکن جي فروغ جي حوالي سان بئنڪن کان آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي جي حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي ته جيئن وچولي طبقي جا صارفين بجلي بچائي بلن ۾ گهٽتائي مان فائدو کڻي سگهن. بجلي جي بچت جي لاءِ انرجي ايفيشنٽ عمارتن جي تعمير جي حوالي سان پڻ روڊ ميپ تيار آهي. ۽ صوبائي حڪومتن سان پڻ ان تي عملدرآمد تي مشاورت مڪمل آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن سردار اويس خان لغاري، احد خان چيما، علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، پاور ٽاسڪ فورس بابت نيشنل ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر مشرف زيدي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.











