پاڪستان جي هاڻوڪي شاندار عسڪري ڪاميابي ۽ ڀارتي جارحيت جي مقابلي ۾ سياسي قيادت، پاڪ فوج ۽ غيرتمند عوام جي جرئتمندي، دانشمندي ۽ يڪجهتيءَ جي واکاڻ ڪريون ٿا: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي هاڻوڪي شاندار عسڪري ڪاميابي ۽ ڀارتي جارحيت جي مقابلي ۾ سياسي قيادت، پاڪ فوج ۽ غيرتمند عوام جي جرئتمندي، دانشمندي ۽ يڪجهتيءَ جي واکاڻ ڪريون ٿا. گذريل ڏينهن ايندڙ مالي سال جو بجيٽ پيش ڪندي هن چيو ته هي بجيٽ هڪ نهايت اهم ۽ تاريخي موقعي تي پيش ڪيو پيو وڃي، جڏهن قوم هاڻوڪن ڏينهن …

اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي هاڻوڪي شاندار عسڪري ڪاميابي ۽ ڀارتي جارحيت جي مقابلي ۾ سياسي قيادت، پاڪ فوج ۽ غيرتمند عوام جي جرئتمندي، دانشمندي ۽ يڪجهتيءَ جي واکاڻ ڪريون ٿا. گذريل ڏينهن ايندڙ مالي سال جو بجيٽ پيش ڪندي هن چيو ته هي بجيٽ هڪ نهايت اهم ۽ تاريخي موقعي تي پيش ڪيو پيو وڃي، جڏهن قوم هاڻوڪن ڏينهن ۾ غير معمولي اتحاد، عزم ۽ همت جو عملي مظاهرو ڪيو آهي. اسان جي سياسي قيادت، پاڪ فوج ۽ غيرتمند عوام ڀارتي اڳرائيءَ جو مقابلو جنهن بهادري ۽ دانشمندي ۽ يڪجهتي سان ڏنو آهي اهو تاريخ جي سونهري ورقن ۾ هميشه ياد رکيو ويندو. اها ڪاميابي هڪ شاندار عسڪري ڪاميابيءَ کان علاوه پوري قوم جي اجتماعي شعور، قومي وقار ۽ غيرت جو اهڃاڻ هئي، ان تي پاڪستان جي عسڪري ۽ سياسي قيادت کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته اسان جي فوج پنهنجي پيشيوراڻي مهارت، شجاعت ۽ قربانيءَ واري جذبي سان دشمن کي اثرائتو ۽ ڀرپور جواب ڏنو جنهن سان نه صرف اسان جي سرحدن جو دفاع مضبوط بڻيو پر عالمي برادري ۾ پاڪستان جو وقار پڻ بلند ٿيو، ان عظيم ڪاميابي اهو پيغام ڏنو ته پاڪستاني قوم هر آزمائش ۾ متحد ۽ مادرِ وطن جي بچاءُ لاءِ شيهي جي ڀت جيان بڻجي وڃي ٿي.