محصول واري ڊويزن جي 8 جاري منصوبن لاءِ 7 ارب 15 ڪروڙ رپيا رکيا ويا

اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال جي سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت محصول واري ڊويزن جي 8 جاري منصوبن لاءِ مجموعي طور 7 ارب 15 ڪروڙ رپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. گذريل ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي مطابق ريجنل ٽيڪس آَيس ساهيوال ۾ ايڊيشنل آفيس بلاڪ جي تعمير جي منصوبي لاءِ 22 ڪروڙ 24 لک 30 هزار رپيا، ڪسٽم ڪامپليڪس سوست سميت …

اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال جي سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت محصول واري ڊويزن جي 8 جاري منصوبن لاءِ مجموعي طور 7 ارب 15 ڪروڙ رپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. گذريل ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي مطابق ريجنل ٽيڪس آَيس ساهيوال ۾ ايڊيشنل آفيس بلاڪ جي تعمير جي منصوبي لاءِ 22 ڪروڙ 24 لک 30 هزار رپيا، ڪسٽم ڪامپليڪس سوست سميت سپاهين لاءِ بيرڪس جي تعمير واري منصوبي لاءِ 53 ڪروڙ 96 لک 29 هزار روپيا، گوادر ۾ ماڊل ڪسٽم ڪليڪٽر جي تعمير واري منصوبي لاءِ 68 ڪروڙ 83 هزار روپيا، ڪراچي ۾ انٽيليجنس اينڊ انويسٽيگيشن آفيس جي تعمير واري منصوبي لاءِ 7 ڪروڙ 28 لک 83 هزار روپيا، سرگوڌا ۾ علائقائي ٽيڪس آفيس جي تعمير واري منصوبي لاءِ 49 ڪروڙ 98 هزار روپيا، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي علائقائي سرحدي خدمتن واري منصوبي تحت انٽيگريٽڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مينجمينٽ سسٽم جي منصوبي لاءِ 2 ارب 50 ڪروڙ رپيا، پاڪستان ريزرو روينيو پروگرام منصوبي لاءِ 2 ارب 49 ڪروڙ 31 لک رپيا ۽ سيالڪوٽ ۾ ريجنل ٽيڪس آفيس جي عمارت جي تعمير ۽ ايراضي حاصل ڪرڻ واري منصوبي لاءِ 15 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.