اسلام آباد ۾ بنيادي هيلٿ يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ پي ايس ڊي پي تحت 364.700 ملين رپيا رکيا ويا

اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزارت جي اسلام آباد ۾ بنيادي هيلٿ يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت ايندڙ مالي سال جي لاءِ 364.700 ملين روپين جي بجيٽ رکي وئي آهي. گذريل ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي دستاويز مطابق منصوبي تي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 999.984 ملين روپيا آهي جڏهن ته 30 جون 2025ع تائين منصوبي لاءِ 635.290 ملين …

اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزارت جي اسلام آباد ۾ بنيادي هيلٿ يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت ايندڙ مالي سال جي لاءِ 364.700 ملين روپين جي بجيٽ رکي وئي آهي. گذريل ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي دستاويز مطابق منصوبي تي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 999.984 ملين روپيا آهي جڏهن ته 30 جون 2025ع تائين منصوبي لاءِ 635.290 ملين روپين جي فنڊز جاري ڪرڻ جو ڪاٿو آهي. واضح رهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ آءِ ڊي ايس آر ايس منصوبي لاءِ 364.700 ملين روپين جي بجيٽ رکي وئي آهي.