پي ايس ڊي پي تحت پارلياماني معاملن واري ڊويزن جي هڪ جاري منصوبي لاءِ 2500 ملين رپيا رکيا ويا

اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 26-2025ع جي سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت پارلياماني معاملن واري ڊويزن جي هڪ جاري منصوبي لاءِ 2500 ملين روپيا رکيا ويا آهن. گذريل ڏينهن ناڻي وزارت طرفان جاري ڪيل پي ايس ڊي پي مطابق پارلياماني معاملن واري ڊويزن جي هڪ جاري اسڪيم پارليامينٽ ميمبرن لاءِ اضافي سوئٽس ۽ ان جي 500 ملازمن لاءِ رهائشگاهه جي …

اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 26-2025ع جي سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت پارلياماني معاملن واري ڊويزن جي هڪ جاري منصوبي لاءِ 2500 ملين روپيا رکيا ويا آهن. گذريل ڏينهن ناڻي وزارت طرفان جاري ڪيل پي ايس ڊي پي مطابق پارلياماني معاملن واري ڊويزن جي هڪ جاري اسڪيم پارليامينٽ ميمبرن لاءِ اضافي سوئٽس ۽ ان جي 500 ملازمن لاءِ رهائشگاهه جي تعمير واري منصوبي لاءِ 2500 ملين روپيا رکيا ويا آهن.