پي ايس ڊي پي تحت صنعت ۽ پيداوار ڊويزن لاءِ 1904 ملين روپيا رکيا ويا

اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) حڪومت ايندڙ مالي سال 26-2025ع لاءِ سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت صنعت ۽ پيداوار ڊويزن لاءِ 1904 ملين روپيا رکيا ويا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ٿيل پي ايس ڊي پي جي انگن اکرن موجب حڪومت ايندڙ مالي سال جي ترقياتي پروگرامن ۾ 8 جاري اسڪيمن ۾ حب اسپيشل اڪنامڪ زون لاءِ 100 ملين روپيا، آٽو ميشن سينٽر ڪراچي جي قيام لاءِ 285 …

اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) حڪومت ايندڙ مالي سال 26-2025ع لاءِ سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت صنعت ۽ پيداوار ڊويزن لاءِ 1904 ملين روپيا رکيا ويا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ٿيل پي ايس ڊي پي جي انگن اکرن موجب حڪومت ايندڙ مالي سال جي ترقياتي پروگرامن ۾ 8 جاري اسڪيمن ۾ حب اسپيشل اڪنامڪ زون لاءِ 100 ملين روپيا، آٽو ميشن سينٽر ڪراچي جي قيام لاءِ 285 ملين روپيا، پروڊڪٽ ڊولپمينٽ سيالڪوٽ لاءِ 91 ملين روپيا جڏهن ته ٻن نئين اسڪيمن ۾ هڪ هزار انڊسٽريل اسٽيچنگ يونٽس فيز 2 لاءِ 250 ملين روپيا ۽ ڊولپمينٽ بلاڪ اي ڪراچي انڊسٽريل پارڪ لاءِ 500 ملين روپيا رکيا ويا آهن.