اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن بابت اعليٰ نمائندي ۽ سلامتي پاليسي/ ڪميشن جي نائب صدر ڪاجا ڪالاس سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم کيس پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ اشتعال انگيز حملن جي ڪري بگڙجندڙ علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگ ماڻهن سميت بيگناهه شهرين جي شهادت ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ان حقيقت جي باوجود تحمل جو مظاهرو ڪيو ته ڀارتي حملا گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي آهن، جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. هن پاڪستان جي خودمختياري جي دفاع لاءِ حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. ڪاجا ڪالاس شهرين جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ٻئي ڌريون تحمل جو مظاهرو ڪن، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪڻ جو موقعو ڏين.