والاريل بيت المقدس- 06 مئي (اي پي پي) اسرائيل جي سيڪيورٽي ڪابينه غزه ۾ فوجي ڪارروائيون وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ اسرائيل جي ناڻي واري وزير وڏي دعويٰ ڪندي چيو آھي ته اسان غزه تي قبضو ڪنداسين. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه ھن گذريل ڏينھن بيت المقدس ۾ ڪانفرنس دوران چئي. ھن چيو ته اسرائيلي ڪابينه ھڪ اھم فيصلائتو قدم کنيو آھي ۽ پويان ھٽڻ جيتوڻيڪ قيدين کي آزادي جي معاملن ۾ به پوئتي ھٽڻ جو ڪو امڪان ناھي. اسرائيل جي سيڪيورٽي عھديدار به ان ڳالھه جي تصديق ڪئي آھي ته فوج انھن سمورن علائقن ۾ موجود رھندي، جن علائقن تي ھو غزه ۾ قبضو ڪندي. واضح رھي ته آچر ڏينھن اسرائيل جي سيڪيورٽي ڪابينه جيڪو منصوبو ڪيو ان ۾ غزه تي قبضو ڪرڻ، زميني ڪنٽرول حاصل ڪرڻ، سخت حملا ڪرڻ، غزه جي شھرين کي ڏکڻ وارن علائقن ڏانھن منتقل ڪرڻ ۽ رضاڪاراڻي ھجرت جي آمريڪي تجويز کي ھٿي ڏيڻ شامل آھي. اسرائيل جي آرمي چيف مطابق اسرائيل جي فوج 10 ھزار ريزرو فوجين کي طلب ڪري ورتو آھي ته جيئن جنگ کي وڌيڪ ڊگهو ڪيو وڃي.