نيويارڪ -12 مارچ (اي پي پي) وال اسٽريٽ جرنل چيو آهي ته آمريڪا يوڪرين کان آمريڪي فوج لاءِ ڊرون ٺاهڻ ۾ مدد گهري آهي. وال اسٽريٽ جرنل رپورٽ ۾ چيو آهي، ته آمريڪي اسٽارٽ اپس ۽ يوڪرين جو ڊرون ٺاهيندڙ ادارو آمريڪي فوج لاءِ وڌيڪ اثرائتا ڊرون ٺاهڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. اخبار موجب پينٽاگون يوڪرين جي ٽيڪنالاجي ۾ وڌندڙ دلچسپي ظاهر ڪري رهي آهي. وال اسٽريٽ جرنل ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته آمريڪي اسٽارٽ اپ جنهن اربين ڊالرز خرچ ڪيا آهن، ان کي اثرائتو ۽ سستو ڊرون ٺاهڻ ۾ ڏکيائيون درپيش آهن. ان کان اڳ يوڪرين جي مينيوفيڪچررز 2023ع ۾ 20 لک کان وڌيڪ يونٽس تيار ڪيا هئا. اخبار اها به نشاندهي ڪئي ته يوڪرين ۾ امڪاني امن امان تي ڳالهين باوجود ڊرون جي تياري جي شعبي ۾ آمريڪا ۽ يوڪرين وچ ۾ تعاون جاري رهڻ جا امڪان آهن.