برسلز -05 مارچ (اي پي پي)صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نقش قدم تي هلندي يورپي ملڪن يوڪرين لاءِ 20 بلين يورو جي فوجي امداد جي نئين پيڪيج جي تياري روڪي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب يورپي يونين ڪائونسل پاران جاري ڪيل هڪ دستاويزي مسودي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته يونين هنگري جي اعتراض سبب بلاڪ جي پرڏيهي ۽ سيڪورٽي پاليسي جي اهلڪار ڪايا ڪالس جي تجويز ڪيل نئين پيڪيج کي روڪي ڇڏيو هيو. مسودي ۾ اشارو ڪيو ويو آهي ته فوجي امداد جي نئين فراهمي بابت آئٽم ان متن مان غائب آهي جيڪو يورپي يونين جي ملڪن جي نمائندن کي غور لاءِ پيش ڪيو ويو هيو. اها اڳڀرائي وائيٽ هائوس طرفان گذريل ڏينهن ڪيف لاءِ آمريڪي فوجي امداد کي منجمند ڪرڻ جي اعلان بعد سامهون آئي آهي. وائيٽ هائوس جي هڪ عهديدار وضاحت ڪئي آهي ته امداد منجمند ڪرڻ جو فيصلو عارضي هيو ان سان اڳوڻو صدر جوبائيڊن جي دور ۾ منظور ٿيل فوجي امداد متاثر ٿي، يوڪرين کي ان جو وڏو حصو اڳ ئي ملي چڪو هيو.