ڪابل-26 فيبروري (اي پي پي) افغانستان جي ٻن صوبن ۾ ڳڙي سان تيز برسات سبب پيش آيل مختلف واقعن جي نتيجي ۾ 29 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق افغانستان جي فراه صوبي جي ڊيزاسٽر مينجمنٽ اداري جي سربراهه محمد اسرائيل سيار جو چوڻ هو ته صوبي ۾ ڳڙا ڪرڻ سبب 21 ماڻهو فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن. جيڪي پڪنڪ ملهائڻ ويا هئا. جڏهن ته نوبي صوبي جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات سبب پيش آيل مختلف واقعن ۾ 8 ماڻهو جن ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن فوت ٿي ويا. جاري بيان ۾ چار عورتون ڪپڙا ڌوئڻ دوران ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويون جن مان صرف هڪ عورت کي زنده بچايو ويو آهي. قندهار ۾ هڪ ٻار جي ٻڏي وڃڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته برسات دوران هڪ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب گهر ۾ موجود هڪ عورت ۽ سندس ٽي ٻار فوت ٿي ويا. واضع رهي ته چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ جي عرصي تائين جنگ جو شڪار رهندڙ افغانستان دنيا جو غريب ترين ملڪ آهي ۽ موسمياتي تبدلين سبب تمام گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي.