نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي داتا درٻار آمد، اوقاف کاتي جي سيڪريٽري سندس استقبال ڪيو

لاهور- 26 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار داتا درٻار پهتو جتي اوقاف کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر طاهر رضا بخاري سندس استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم مزار تي جاري ترقياتي ڪم جي رفتار ۽ زيارتين لاءِ ٻين سهولتن جي باري ۾ مختلف رخن جو جائزو ورتو ۽ حرم نبوي جي طرز تي ڇٽيون لڳرائڻ جي منصوبي تي فوري اڳڀرائي جي هدايت ڪئي. ان موقعي …

لاهور- 26 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار داتا درٻار پهتو جتي اوقاف کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر طاهر رضا بخاري سندس استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم مزار تي جاري ترقياتي ڪم جي رفتار ۽ زيارتين لاءِ ٻين سهولتن جي باري ۾ مختلف رخن جو جائزو ورتو ۽ حرم نبوي جي طرز تي ڇٽيون لڳرائڻ جي منصوبي تي فوري اڳڀرائي جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي اوقاف کاتي جي سيڪريٽري نائب وزيراعظم کي مزار تي جاري ترقياتي ڪمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته 650 ملين جي وڏي رقم سان هائيڊرو لڪ ڪينو پيز لڳايون وينديون، مسجد جي اڱڻ ۾ 2626 فوٽ جون 20 ڇٽيون مڪمل طور هائيڊرو لڪ ۽ آٽوميٽڪ هونديون. نائب وزيراعظم ان موقعي تي مزار شريف تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي.

مزید خبریں