گڏيل قومون - 31 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪيوبا خلاف 32 سالن کان لاڳو آمريڪي اقتصادي پابندين جي خاتمي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نائب نمائندي عثمان جدون گڏيل قومن جي 193 رڪني جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ ڪيوبا ۾ بنيادي شين جي کوٽ، بدترين معاشي بحران تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ طرفيون اقتصادي پابنديون لاڳو ڪرڻ …
پاڪستان طرفان ڪيوبا خلاف آمريڪي پابنديون ختم ڪرڻ جي مطالبي جو ورجاءُ

مزید خبریں
گڏيل قومون – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪيوبا خلاف 32 سالن کان لاڳو آمريڪي اقتصادي پابندين جي خاتمي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نائب نمائندي عثمان جدون گڏيل قومن جي 193 رڪني جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ ڪيوبا ۾ بنيادي شين جي کوٽ، بدترين معاشي بحران تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ طرفيون اقتصادي پابنديون لاڳو ڪرڻ غير نتيجي جوڳي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي مقصدن ۽ اصولن سان هڪ جهڙائي نٿيون رکن. ان موقعي تي جنرل اسيمبلي ڪيوبا تي آمريڪي پابندين جي خاتمي جي مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو. جنرل اسيمبلي ۾ ٿيل ووٽنگ ۾ ٺهراءُ جي حق ۾ 187 ووٽ وڌا ويا جڏهن ته رڳو ٻن ملڪن آمريڪا ۽ اسرائيل ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي ۽ هڪ ملڪ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ان موقعي تي پاڪستاني نمائندي عثمان جدون چيو ته پاڪستان ڪيوبا جي پنهنجن وسيلن خاص طور تي خوراڪ ۽ دوائن جي حق کي تسليم ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي واضح ڪيو ته ڪيوبا تي آمريڪي پابندين جهڙا قدم پائيدار ترقي بابت 2030ع جي ايجنڊا ۾ شامل اسان جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نقصانڪار آهن ۽ اسان سمجهون ٿا ته پابندي جو خاتمو ڪيوبا جي ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم هوندو.











