آمريڪا ۽ عرب پرڏيھي وزير لنڊن ۾ ملاقات ڪندا

واشنگٽن-24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيھي وزير انٽوني بلنڪن غزه ۽ لبنان ۾ جاري جنگ تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ اڄ جمعي تي لنڊن ۾ پنھنجي عرب ھم منصبن سان ملاقات ڪندو.پرڏيھي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي پرڏيهي وزير جي ترجمان ميٿيو ملر گذريل ڏينھن صحافين کي ٻڌايو ته آمريڪي پرڏيھي وزير انٽوني بلنڪن اسرائيلي دوري کان پوءِ هن وقت سعودي عرب ۾ آھي. قطر ۾ ڳالھين …

واشنگٽن-24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيھي وزير انٽوني بلنڪن غزه ۽ لبنان ۾ جاري جنگ تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ اڄ جمعي تي لنڊن ۾ پنھنجي عرب ھم منصبن سان ملاقات ڪندو.پرڏيھي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي پرڏيهي وزير جي ترجمان ميٿيو ملر گذريل ڏينھن صحافين کي ٻڌايو ته آمريڪي پرڏيھي وزير انٽوني بلنڪن اسرائيلي دوري کان پوءِ هن وقت سعودي عرب ۾ آھي. قطر ۾ ڳالھين کان پوءِ برطانيا جي گادي واري شھر لنڊن ويندو.پرڏيهي کاتي جي وزير فوري طور تي ان ڳالھه جي نشاندھي نه ڪئي ته لنڊن ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪھڙن عرب ملڪن جا وزير شرڪت ڪندا.

مزید خبریں